125

سنڌ حڪومت جون وفاق کان وڌندڙ شڪايتون

ايڊيٽوريل

سنڌ حڪومت ۽ وفاق وچ ۾ مختلف معاملن تي هلندڙ تڪرار ڪا نئين ڳالهه ڪونهي پر گذريل ٻن اڍائي سالن کان هي ڇڪتاڻ ڪجهه گهڻي ئي وڌي وئي آهي ۽ سنڌ جون شڪايتون ڄڻ هاڻي روز جو معمول بڻجي ويون آهن پر وفاقي حڪومت طرفان انهن تي ڪنهن به قسم جو ڪو ڌيان نٿو ڏنو وڃي، 18 هين ترميم جي منظوري کانپوءِ به ڪيترائي اهڙا معاملا جيڪي اڃا به اختلافن جو سبب بڻيل رهيا آهن، هڪڙو معاملو ختم ئي نٿو ٿئي ته مٿان وري ٻيو معاملو ڪر کڻي ٿو، مالياتي ايوارڊ جو مسئلو ته سدا بهار آهي ۽ منڍ کان وٺي سنڌ حڪومت پنهنجي حق کان لاڳيتو محروم آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پئي آهي پر ان کي ڪا به موٽ نٿي ملي. اڱاري واري ڏهاڙي به سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران وفاق جي ڏاڍائين جو ذڪر ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته سنڌ جي گئس تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو  آهي، پر ان تي لاڳيتو ڌاڙو هنيو پيو وڃي، سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ گئس جي بحران بابت وفاق کي خط لکياسين پر انهن جو ڪو به جواب نه مليو،  هي رڳو هڪ ئي ڳالهه ڪندا رهن ٿا ته اهو سڀ گذريل حڪومتن جي ڪري آهي. مسئلو رڳو گذريل حڪومتن تي الزام مڙهڻ سان حل نه ٿيندو. هن چيو ته  ان جو حل موجود آهي.گئس ته هن وقت پڻ موجود آهي، سنڌ جي 454 ايم ايم ڪيوبڪ فيٽ گئس سئي ناردرن گئس پائپ لائين لميٽيڊ ( ايس اين جي پي ايل )کي ڏني پئي وڃي جيڪا آئين جي آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي آهي ، اها گئس سنڌ کي ئي ملڻ گهرجي، اسان رڳو آئين تي عمل ئي چاهيون ٿا. خيبر پختونخوا ۾ پوري ريت عمل ڪيو پيو وڃي پر مسئلو رڳو سنڌ سان آهي، سنڌ سان سراسر زيادتي پئي ٿئي ۽ اهو رڳو ڪو هڪ ئي معاملو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 ۾ اهو چٽو ٿيل آهي ته جتان به گئس نڪري ٿي پهريون ۽ وڌيڪ حق ان علائقي جو آهي،  اسين ڪجهه وڌيڪ نه ٿا گهرون پر رڳو اهو ئي گهرون ٿا جيڪو حق اسان کي آئين ۾ ڏنو ويو آهي.  سنڌ جي گهريلو توڙي صنعتي صارفين کي پهرين حق ڏنو وڃي.  سنڌ مان 2600 ايم ايم سي ايف ڊي گئس نڪري ٿي ان مان گهٽ ۾ گهٽ 16 ايم ايم سي ايف ڊي گئس سنڌ کي ملڻ گهرجي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي 454 ايم ايم ڪيوبڪ فيٽ گئس سئي ناردرن کي ڏيڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم وارا ڀلي وفاقي حڪومت جي حمايت ختم نه ڪن پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي عوام سان گڏ ته بيهن، سنڌ جي حقن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺل اسان سڀني کي متحد ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا پنهنجي وس ۾ نه آهن، انهن کي ڪو ٻيو پيو هلائي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته وزيراعظم کي پنهنجا ئي ماڻهو گمراهه ڪري رهيا آهن. هنن کي سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته ڪرڻو ڇا آهي، وفاقي ڪابينا ۾ رڳو اهڙيون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن جن سان وزيراعظم خوش ٿئي، وزيراعظم رڳو انهن ئي ڳالهين تي هلي ٿو،  عوام جو ڪو احساس نه آهي، هو چوي ٿو ته هنن کي نه ڇڏيندس، ها ڀلي نه ڇڏي، ان کي جيترا به ڪيس ڪرڻا آهن ڪري ڇڏي، اسين ويٺا آهيون ۽ پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين، اسين ڊڄون نه ٿا ڇو ته اسين صحيح رستي تي آهيون، هي مون تي جيتري وڻين پيا تنقيد ڪندا رهن، هي جيتري تنقيد ڪندا الله مون کي ايتري ئي سگهه انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏيندو ۽ مون کي سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ سگهه ملندي رهندي.

هي پهريون دفعو ناهي جو وڏي وزير اها شڪايت ڪئي آهي، وڏو وزير بار بار اسيمبلي ۾ اهڙيون شڪايتون دهرائيندو رهيو آهي پر ڪو انهن جو کڙتيل نٿو نڪري، جنهن ڪري سنڌ ۾ پڻ محرومي ۽ ڪاوڙ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري وفاقي سرڪار کي گهرجي ته آئين موجب سنڌ سان پنهنجا سمورا مسئلا حل ڪري وڏي وزير جي اها جائز ڳالهه آهي ته سنڌ کي فقط پنهنجو حق گهرجي ٿو، ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه، جيڪڏهن صوبن کي حق نه ملندا ته عوام ۾ منفي تاثر پيدا ٿيندو، جيڪو جمهوري نظام لاءِ صحيح ناهي، اميد ڪريون ٿا ته وفاقي حڪومت سنڌ جون شڪايتون ختم ڪري ملڪ کي آئين موجب هلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو