ليکڪ: جاويد نقوي
اسان جي ڀرپاسي ۾ ڪئين اهڙا ماڻهو رهن ٿا جيڪي شايد ئي ڪڏهن ان فاشسٽ طرز عمل ۽ جارحيت جي مذمت ڪن، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي ماريو وڃي ٿو ۽ اهو سڀ رياست جي سرپرستيءَ ۾ ئي ٿئي ٿو، پر اهي ئي ماڻهو عوامي مظاهرن جي نتيجي ۾ عوامي يا نجي ملڪيتن کي پهچندڙ حقيقي يا تصوراتي نقصان تي ڏاڍو شور مچائيندا آهن، اهڙو ئي هڪ احتجاج ڀارت جي گادي واري هنڌ دهلي جي سرحد تي هارين طرفان هلندڙ آهي، اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي هم وطنن جي حياتين جي پرواهه نه ڪندي ڪنهن جي ملڪيت جي حوالي سان پروپئگنڊا ڪرڻ نيوٽران بم جي برابر آهي، آمريڪا جي صدر جمي ڪارٽر جي دور ۾ نيوٽران بم تي ڪم ڪيو ويو هو، اهو جنگ جي ميدان ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ محدود اثر رکندڙ هٿيار هو، جنهن جو مقصد اولهه يورپ ۾ وڙهي ويندڙ ڪنهن به امڪاني جنگ ۾ ان کي سوويت يونين جي ٽئنڪن خلاف استعمال ڪرڻ هو، ان بم کي ٽيڪٽيڪل هٿيار جي طور تي ڪيترن ئي هنڌن تي نصب ڪرڻو هو ۽ ان بم جي نتيجي ۾ ان جي اثر ۾ ايندڙ سمورا انسان ۽ زندگي جا سمورا قسم ختم ٿي وڃن ها پر عمارتون قائم رهن ها، انساني حياتين جي ذيان ۽ اخلاقيات کي نظرانداز ڪيو وڃي ته ان بم جو منصوبو هڪ ٻئي يورپين رڪوري پروگرام جهڙي مهانگي منصوبي جي ضرورت کي ختم ڪري سگهي ٿو، آمريڪا 1945ع ۾ جرمنيءَ جي شڪست کانپوءِ مارشل پلان جي فنڊنگ ڪئي هئي، سوويت يونين ان کي ”ڪيپيٽلسٽ بم“ جو نالو ڏنو هو، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وري وري تاڪيد ڪري چڪو آهي ته هاري عوامي ملڪيتن کي نقصان نه پهچائين، جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته هاري اهڙو ڪجهه به نه پيا ڪن، مودي ماضي ۾ به جامعه مليا جي انهن شاگردن تي هنگامي جو الزام هنيو هو جيڪي دهلي ۾ شهريت جي تعصب واري قانون خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، هڪ طرف مودي دهلي جو گهيراءُ ڪندڙ هارين تي عوامي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جا الزام هڻي رهيو آهي ته ٻئي طرف مودي جا حامي انهن هارين کي خالستاني عليحدگي پسند ۽ مائوسٽ قرار ڏئي رهيا آهن، پنجاب ۾ ڪجهه ماڻهن هڪ اهڙي موبائل ڪمپني جي ڪيترن ئي ٽاورن کي ضرور ڪيرايو آهي، جنهن جي ملڪيت ۾ ڪجهه اهڙا ٽي وي چئنل به آهن، جيڪي هارين طرفان پارليامينٽ ۾ پاس ڪيل بل واپس وٺڻ جي مطالبي جي مخالفت ڪري رهيا آهن، هاري ان قانون کي پنهنجن مفادن لاءِ خطرو سمجهن ٿا، اهي سمجهن ٿا ته ان قانون جي ڪري وڏن ڪاروباري گروپن کي فائدو پهچندو ۽ انهن ڪاروباري گروپن ۾ اهي گروپ به شامل آهن، جن جا موبائل ٽاور ڪيرايا ويا آهن، هاڻ اتي معاملو سنجيده ٿيندو پيو وڃي، ڇو ته ان موبائل ڪمپني ٽاور ڪيرائڻ ۾ پنهنجي مخالف موبائل ڪمپني جي ملوث هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، يعني هارين امڪاني طور تي هڪ ڪارپوريٽ جنگ کي هوا ڏئي ڇڏي آهي، هارين موبائل ٽاور ڪيرائيندڙن کان لاتعلقي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي مطالبن تي ڌيان ڄميل رکڻ چاهين ٿا پر اهي ڄاڻايل ڪمپني جي مالڪن کي پنهنجي بنايي ۽ جدوجهد جو مخالف ضرور تصور ڪن ٿا.شايد ئي مودي ۽ سندس هندوتوا جي حامي ماڻهن طرفان ڪمزورن کي نشانو بڻائڻ ۽ انهن کي قتل ڪرڻ تي ايڏو غم ۽ غصي جو مظاهرو ڪيو ويو هجي، ان عمل جو آخري تجربو ڊسمبر 2019ع ۾ جامعه مليا جي شاگردن خلاف ٿيو هو، پر هن ڀيري هارين جو احتجاج روڪڻ ۾ ناڪاميءَ جي ڪري مودي جي مايوسي صاف ظاهر آهي ۽ ان مايوسي جو اظهار سندس تقرير مان به ٿيو، مودي هڪ عوامي ريلي کي خطاب ۾ چيو ته هاري چاهين ته منهنجي پتلي کي باهه لڳائي ڇڏين ۽ ان کي چوڪ تي جوتا به هڻن پر کين عوامي ملڪيت کي نقصان نه پهچائڻ گهرجي. هارين جي احتجاج سان گادي واري هنڌ سان گڏوگڏ زميني رستا به محدد ٿي ويا آهن ۽ سون تي سهاڳو وري اهو ته هارين کي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ ۾ به پنهنجا حامي ملي ويا آهن، اهڙن واقعن سان مودي جي هڪ سختگير شخصيت تي ضرب ضرور لڳي آهي، پر هڪڙو وقت اهو به هو جڏهن مودي بلڪل مختلف ٻولي ڳالهائيندو هو، 1974ع جي تحريڪ دوران شاگردن تي تشدد ذريعي سڄي شهر ۾ رهندڙن کي بند ڪيو ويو هو، ان تحريڪ کي نونرمن تحريڪ چيو وڃي ٿو، مودي جي هڪ پنهنجي ويب سائيٽ تي ان تحريڪ ۽ ان ۾ مودي جي ڪردار تي هڪ صفحو موجود آهي ۽ ان صفحي تي لکيل آهي ته نونرمن تحريڪ مودي لاءِ وڏن عوامي احتجاجن بابت پهريون تجربو هئي ۽ ان سان سماجي مسئلن تي سندس سوچ کي وسعت ملي، اتي اهو به لکيل آهي ته ان ئي تحريڪ سبب 1975ع ۾ مودي کي گجرات ۾ لوڪ سنگهرش سميتي جي جنرل سيڪريٽري جي حيثيت سان سندس سياسي ڪيريئر جو پهريون عهدو به مليو، هاڻ ان معاملي کي هڪ سال اڳ جامعه مليا جي شاگردن جي حوالي سان ڏنل بيان سان ملايو، مودي چيو هو ته شهريت جي قانون خلاف پرتشدد مظاهرا ٿيڻ بدقسمتي ۽ پريشاني جو سبب آهي، بحث، گفتگو ۽ اختلاف راءِ جمهوريت جو حصو آهن، پر عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ عوامي زندگيءَ ۾ رڪاوٽ وجهڻ ڪڏهن به اسان جي اخلاق جو حصو نه رهيا آهن، ڊسمبر 1973ع ۾ گجرات ۾ احمد آباد جي هڪ انجنيئرنگ ڪاليج جي شاگردن ڪينٽين جي فيس وڌڻ خلاف آواز اٿاريو ۽ مودي جي ويب سائيٽ مطابق پوليس انهن شاگردن خلاف طاقت جو استعمال ڪيو، پوليس جي ڪارروائي جو ابتو اثر ٿيو ۽ اهو احتجاج ٻين ڪاليجن تائين پکڙجي ويو، 1974ع جي شروعات تائين اهو احتجاج پوري شهر ۾ پکڙجي ويو ۽ سڄي رياست ۾ هڙتالون، باهيون ۽ ڦرمار جا واقعا ٿيا، انهن سڀ ڪاررواين جو هدف رياستي حڪومت هئي، مظاهرين ڪانگريس ميمبرن ۽ نمائندن جي ملڪيتن (جي ها، ملڪيتن) تي حملا ڪيا، احمد آباد ۾ حالتون ايتريون خراب ٿي ويون جو فوج گهرائڻي پئي.ويب سائيٽ تي خوشيءِ سان گڏوگڏ اهو به لکيل آهي ته رياستي حڪومت ۽ مرڪزي حڪومت پنهنجين سمورين ڪوششن باوجود انهن مظاهرن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي، هڪ نوجوان پرچارڪ ( هندوتوا جي پروپئگنڊا ڪندڙ) ۽ اي بي وي پي (اکل ڀارتيا وڌيارتي پريشد) جي ڪارڪن جي حيثيت سان نريندر مودي نونرمن تحريڪ سان لاڳاپجي ويو ۽ پاڻ کي سونپيل سمورا ڪم بخوبي پورا ڪيا. اهي هنگاما وڌندي وڌندي پٽنا تائين پهچي ويا ۽ 18 مارچ تي اي بي وي پي ۽ ٻي کاٻي ڌر جي شاگردن بهار اسيمبلي تي حملو ڪري ڏنو ۽ پوليس سان مقابلو ڪرڻ کانپوءِ انهن شاگردن سرڪاري عمارتن ۽ هڪ نجي گدام سميت ٻن اخبارن جي آفيس کي باهه ڏئي ڇڏي. 1974ع ۾ ارون جيٽلي دهلي يونيورسٽي جي لا ڪاليج کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ مستقبل جي جي پي تحريڪ جي حمايت لاءِ احمد آباد ۽ پٽنا جو سفر ڪيو، ان تحريڪ ۾ شاگردن چونڊيل حڪومت خلاف مظاهرا ڪيا، پٿراءُ ڪيو، يونيورسٽي جي آفيسن کي باهه ڏني ۽ شهر ۾ هڙتال ڪئي، ارون جيٽلي جنهن مودي جي وزيراعظم ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو کي مظاهرو ڪندڙ شاگرد تنظيمن جو ملڪي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو.اها ڳالهه اهم آهي ته نونرمن تحريڪ جي شروعات جي 18 مهينن کانپوءِ ايمرجنسي لڳي وئي ۽ اهڙو ڪجهه 1975ع ۾ بهار ۾ ريلوي واري وزير ايل اين مشرا جي بم ڌماڪي ۾ موت کانپوءِ به ٿيو، هارين کي پنهنجي تاريخ ياد آهي ان ڪري اهي پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن.