158

ڪرڪ مندر واقعو: ٻن ايس ايڇ اوز سوڌو 12 پوليس اهلڪار نوڪريءَ مان فارغ

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪرڪ مندر تي حملي واري واقعي جي جاچ رپورٽ جي روشني ۾ ٻن ايس ايڇ اوز سوڌو 12 پوليس اهلڪارن کي نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرڪ  ۾ مندر تي حملي واري واقعي جي جاچ رپورٽ جي روشني ۾ بروقت انتظام نه ڪرڻ ۽ سستي ڪرڻ تي ٻن ايس ايڇ اوز سوڌو 12 پوليس اهلڪارن کي نوڪريءَ مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي. جاچ رپورٽ ۾ 33 اهلڪارن کي سخت سزا ڏيڻ ۽ انهن کان هڪ سال جي نوڪري ڪٽڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ايف آر پي سان لاڳاپيل 27 ٻين اهلڪارن خلاف به ڪمانڊنٽ ايف آر پي کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو