اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ لاءِ فنڊ وٺڻ جا ذميوار ايجنٽس قرار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ پنهنجو جواب اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي آڏو جواب جمع ڪرائيندي پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو آهي ته آمريڪا جي ٻن ڪمپنيز پي ٽي آءِ لاءِ غيرقانوني طور فنڊ گڏ ڪيا ته ان جي ذميواري ڪمپنيز جي ايجنٽس تي اچي ٿي، عمران خان منع ڪيل ذريعن سان فنڊز گڏ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ واري معاملي ۾ شامل ناهي، پارٽي کي آمريڪا کانسواءِ ٻين ملڪن مان پاڪستاني شهرين فنڊ ڏنا هئا. ان موقعي تي اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ آمريڪا مان غيرقانوني طور فنڊ ملڻ جو اعتراف ته ڪيو آهي پر الزام وري ايجنٽن مٿان مڙهي ڇڏيو آهي.
170