ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ جا ادارا سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن، وفاق پاران سنڌ جون 3 وڏيون اسپتالون کسڻ ناانصافي آهي. سيد جلال محمود شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاق پاران اهڙي قسم جا مڙهيل فيصلا آئيني طور ملندڙ حقن تي ڌاڙو آهن، هڪ طرف پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي ختم ڪري سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل سان کيڏيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي سنڌ جي صحت جا ادارا زبردستي طور پنهنجي قبضي ڪرڻ وفاق پاران هڪ نئين قسم جي ون يونٽ مڙهڻ جي ڪوشش آهي، جنهن کي ڪنهن به طرح قبول نٿو ڪري سگهجي. ايس يو پي سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ کي 70 سيڪڙو ڪمائي ڏيندڙ سنڌ ۾ بک، بدحالي، غربت ۽ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪمران سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ ڳائي رهيا آهن، حڪمرانن کي عوام جا مسئعلا حل ڪرڻ سان ڪابه دلچسپي ناهي کين صرف پنهنجو اقتدار عزيز آهي، سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي کان وٺي سنڌ جون اسپتالون زوريءَ کسڻ وفاق جي آمراڻي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، آئيني طور صوبن کي جيڪي حق مليل آهن وفاق انهن ۾ مداخلت فوري طور بند ڪري ۽ پنهنجا زوريءَ مڙهيل فيصلا واپس وٺي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي وفاق جي اهڙن ڪيل فيصلن جي سخت لفظن ۾ نندا ڪري ٿي. سيد جلال محمود شاهه پيرجوڳوٺ لڳ ڏاڍائي بعد قتل ڪيل نياڻي ميمونا لاڙڪ جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سندس قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
158