185

سنڌ حڪومت آبادگارن جي مسلسل احتجاج کانپوءِ ٽماٽن ۽ بصر جي امپورٽ تي پابندي لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت آبادگارن جي مسلسل احتجاج کانپوءِ ٽماٽن ۽ بصر جي امپورٽ تي پابندي لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو آهي. زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو وفاق کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته بصر ۽ ٽماٽن جي سڀ کان وڌيڪ پيداوار سنڌ ۾ ٿي آهي، ٽماٽي ۽ بصر جي امپورٽ خلاف آبادگار احتجاج ڪري رهيا آهن، بصر ۽ ٽماٽو ايڪسپورٽ ٿيڻ سان آبادگارن کي مناسب اگهه ملي سگهندو. اسماعيل راهو خط ۾ مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت جي خراب پاليسي سبب آبادگارن کي سندن فصل ۾ ڪيل خرچ به ملي نٿو سگهي، بصر ۽ ٽماٽو ايڪسپورٽ ٿيڻ سان آبادگارن کي مناسب اگهه ملي سگهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو