169

سياحت ۽ مهمانداري جي شعبي ۾ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت سان ملازمت جا موقعا پيدا ٿيندا:عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ سياحت ۽ مهمانداري جي شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ملڪ ۾ ان صنعت جي فروغ ۽ واڌ لاءِ نجي شعبي کي پنهنجو ڪردار وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته سياحت ۽ مهمانداري جي شعبي ۾ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت سان ملازمت جا موقعا پيدا ٿيندا. انٽرنيشنل ڪاليج ٽورازم اينڊ هوٽل مينيجمينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي  صدر چيو ته سياحت جو شعبو پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۾ سياحتي شعبي ۾ ترقي جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، صدر عارف علوي چيو ته سياحت ۽ مهمانداري جي شعبي ۾ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت سان ملازمت جا موقعا پيدا ٿيندا، انٽرنيشنل ڪاليج ٽورازم اينڊ هوٽل مينيجمينٽ پاڪستان ۾ مهمانداري جي شعبي ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون آهن. هن چيو ته سياحت ۽ مهمانداري جي شعبي جي ترقي ۽ واڌ لاءِ نجي شعبي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو