160

پاناما پيپرز ۽ براڊشيٽ ڪرپٽ مافيا جي ڪاري ڌن کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاناما پيپرز ۽ براڊشيٽ ڪرپٽ مافيا جي ڪاري ڌن کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، هي اسان جي دريافت ناهي پر عالمي انڪشاف آهن. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته براڊشيٽ جا واقعا ظاهر ڪن ٿا ته ماضي ۾ اين آر او جي ڪري ملڪ کي ڪيئن ناقابل تلافي نقصان پهتو، هن چيو ته ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن پنهنجا گهر ڀريا ۽ پاڪستان جي عوام کي لُٽيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو