223

وفاق ڀارت کان پُڇي ٻڌائي ته هو ڪلڀوشن ڪيس ۾ پيروي چاهي ٿو يا نه: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته وفاق ڀارتي حڪومت کان پڇي ٻڌائي ته هو ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادو ڪيس ۾ پيروي ڪرڻ چاهي ٿي يا نه. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل لارجر بئنچ انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادو کي وڪيل فراهم ڪرڻ جي قانون واري وزارت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ڊپٽي اٽارني جنرل سيد محمد طيب شاهه ٻڌايو ته اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ مصروف آهي، اڄ پيش نه ٿي سگهندو. چيف جسٽس جي پڇاڻي تي ڊپٽي اٽارني جنرل ٻڌايو ته 4 ڀارتي قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي، آخري ڀارتي قيدي محمد اسماعيل کي هن مهيني جي 22 تاريخ تي آزاد ڪيو ويندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڀارتي حڪومت ڪلڀوشن يادو ڪيس ۾ سنجيده ناهي؟ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت سان رابطو ڪري ته هو ڪلڀوشن ڪيس ۾ پيروي ڪرڻ چاهي ٿو يا نه؟ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو