225

پي سي بي چيئرمين احسان ماني ۽ وسيم خان وچ ۾ اختلاف وڌي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان وچ ۾ اختلاف وڌي ويا آهن. رپورٽن مطابق پي سي بي چيئرمين احسان ماني هر قسم جي فيصلن جو حق پاڻ وٽ رکي ٿو ۽ سي اي او وسيم خان اٿارٽي کانسواءِ ڪم جاري رکڻ ۾ دلچسپي نه ٿو رکي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي وڏن جي اختلافن سبب گراس روٽ ڪرڪيٽ تي ڪم نه پيو ٿئي ۽ ڪم نه ٿيڻ جو نقصان مقامي ڪرڪيٽرن ۽ ڪلبن کي ٿي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو