157

مخالف ڌر جي احتجاج ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي ويندي، مولانا فضل الرحمان اسلام جو فڪر ڪري، اسلام آباد سندس نصيب ۾ ناهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان اسلام جو فڪر ڪري، اسلام آباد سندس نصيب ۾ ناهي. اسلام آباد ۾ پرويز خٽڪ، فواد چوڌري، فروغ نسيم ۽ شبلي فراز سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته مخالف ڌر کي جنهن اسيمبلي تي اعتراض آهي ان جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ وڃي رهي آهي، اميد ڪريون ٿا ته اپوزيشن ڪو مسئلو پيدا نه ڪندي، اڄ اسان جو گڏيل فيصلو آهي ته مخالف ڌر جي احتجاج ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي ويندي. هن چيو ته عمران خان کي خدا جي مدد ۽ عوام جي حمايت حاصل آهي، دنيا اوڀر کان اولهه ٿي وڃي پر عمران خان اسرائيل کي تسليم نه ڪندو. هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ 40 هزار ماڻهن جون صحيحون پيش ڪيون، جڏهن ته ن ليگ ۽ پ پ پ هن وقت تائين پنهنجي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ هڪ چيڪ به پيش ناهي ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو