175

ڪوهستاني زمين جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري: اينٽي ڪرپشن هٿان اڳوڻو مختياڪار ۽ تپيدار گرفتار

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) اينٽي ڪرپشن ڄامشورو پاران رڪارڊ ۾ هيراڦيري ۽ ڪوڙا ڪاغذ ٺاهي ڏيڻ جي الزام هيٺ ٽن مختيارڪارن ۽ ٻن تپيدارن سميت 9 جوابدارن خلاف ڪيس داخل. ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ مختيارڪار ۽ هڪ تپيدار کي گرفتار ڪري اينٽي ڪرپشن آفيس منتقل ڪيو ويو آهي، اينٽي ڪرپشن ٽيم ڄامشورو پاران زمين ۾ هيراڦيري ۽ ڪوڙا ڪاغذ ٺاهي زمين بلڊرن حوالي ڪرڻ جي الزام ۾ ٿاڻي بولا خان جي ٽن اڳوڻن مختيارڪارن سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن ٽيم ڪارروائي ڪندي الله ڏتو لغاري ۽ مشتاق احمد قريشي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ سرڪل آفيسر منور علي نائچ جو چوڻ هو ته 2 سال اڳ ٿاڻي بولا خان جي 195 ايڪڙ زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺاهي بلڊرن حوالي ڪرڻ جي الزام ۾ ٽن اڳوڻن مختيارڪارن اسد الله سولنگي، الله ڏتو لغاري ۽ علي رضا ڀٽو ۽ ٻن تپيدارن خلاف جاچ جاري هئي جنهن کان پوءِ چيئرمين اينٽي ڪرپشن جي اجازت کانپوءِ 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڪارروائي ڪندي ٿاڻو بولاخان جي اڳوڻي مختيارڪار الله ڏتو لغاري ۽ اڳوڻي تپيدار مشتاق احمد قريشي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، باقي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو