155

سنڌ ۾ڪليڪٽر جا امتحان پاس نه ڪندڙ 15 ڪامورا عهدن تان فارغ، نيب سان پلي بارگيننگ ڪندڙ 435 ملازمن خلاف به ڪارروائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ڪليڪٽر جا امتحان پاس نه ڪندڙ 15 ڪامورن کي عهدن تان فارغ ڪيو ويو آهي،جڏهن ته   نيب ڪيسن ۾ آيل 435 ملازمن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب  سنڌ حڪومت عدالتي حڪم هيٺ ڪليڪٽر ون ۽ ٽو جا امتحان پاس نه ڪندڙ 15 ڪامورن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي، هٽايل ڪامورن ۾ مڪاني ادارن واري کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري 20 گريڊ جو ڪامورو چراغ الدين هڱورو، مخدوم امين فهيم جو پٽ بورڊ آف روينيو جو ميمبر 20 گريڊ جو آفيسر مخدوم شڪيل الزمان، تعليم کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري غلام حيدر مڱريو ،ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري 19هين گريڊ جو ڪامران شمشاد، گھرو کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري محمد بابر قدير، سنڌ فوڊ اٿارٽي جو گريڊ 19 جو ڊائريڪٽر جنرل امجد علي لغاري به شامل آهي. انهن کان علاوه  بورڊ آف روينيو سکر جو گريڊ 19 جو ريجنل آفيسر سڪندر خشڪ،  بورڊ آف روينيو جو  گريڊ 19 جو  انسپيڪٽر جنرل آف رجسٽريشن احمد علي شاهه، انساني حقن واري کاتي جو گريڊ 19 جو ايڊيشنل سيڪريٽري امتياز راڄپر، بورڊ آف روينيو جو گريڊ 19 جو ڊائريڪٽر سيٽلمينٽ اينڊ لينڊ ريڪارڊ اسلم کوسو، خوراڪ کاتي جو گريڊ 18 جو ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد حسين گهمرو، رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جو گريڊ 18 جو ڊپٽي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر شهزاد طاهر ٿهيم، بورڊ آف روينيو جو  گريڊ 18 جو سيڪريٽري آر ايس انيڊ اي پي عزيز برلاس، نارٿ ناظم آباد ڪراچي جو اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالفهيم خان، ڊي سي مٽياري غلام حيدر چانڊيو به هٽايلن ۾ شامل آهن، ڄاڻايل ڪامورن ڪليڪٽر ون ۽ ٽو جا امتحان پاس نه ڪيا هئا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄاڻايل ڪامورن کي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو. خميس ڏينهن ان ئي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي  جنهن تي عدالت سنڌ حڪومت کي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ  2 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي. عدالت سيڪريٽري سروسز کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي آخري مهلت ڏئي رهيا آهيون، عدالتي حڪمن تي عمل ڪرايو، نه ته توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ٿيندي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران سينيئر بورڊ آف روينيو جي ميمبر مخدوم شڪيل الزامان سميت 9 آفيسرن جي وڪيلن توهين عدالت جي ڪارروائي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي، عدالت شڪيل الزمان جي وڪيل تي 10 هزار روپيا ڏنڊ وجهي چيو ته عدالتي حڪم تي عمل ئي نه ٿيو آهي، توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئين ختم ڪريون؟.عدالت جي ان ٻڌڻي کان پوءِ سنڌ حڪومت ترت ئي آفيسرن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو.  ٻي پاسي سنڌ حڪومت نيب ڪيسز کي منهن ڏيندڙ 435 سرڪاري ملازمن جي خلاف ڪارروائي بابت رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن موجب حڪومت طرفان مختلف کاتن جي 55 ملازمن کي سخت سزا ڏني وئي، 10 ڄڻن جي تنزلي ۽ 29 ملازمن کي برطرف ۽  12 ملازمن کي رِورٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  238 ملازمن خلاف ڪارروائي هلندڙ آهي. سنڌ سرڪار جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نيب سان پلي بارگين ۽ وي آر ڪندڙ 73 ملازمن جي انڪريمينٽ بند ڪئي وئي، اڳوڻي ڊسٽرڪٽ روينيو آفيسر اديب بچاڻي کي به پنج سالن لاءِ رورٽ ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو