173

پي ٽي آءِ آمريڪا مان فنڊنگ ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ آمريڪا مان فنڊنگ ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، اهڙو اعتراف ان پنهنجي لکت واري جواب ۾ ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ  اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ قبول ڪيو ته آمريڪا مان فارن فنڊنگ ٿي.  جواب ۾ وڌيڪ  چيو ويوآهي ته آمريڪا ۾ فنڊ گڏ ڪندڙ ايجنٽن کي عمران خان جي واضح هدايت هئي ته رڳو انهن ذريعن کان فنڊنگ حاصل ڪريو جيڪي منع ٿيل نه هجن. جيڪڏهن ڪو ايجنٽ هدايتن جي ابتڙ رقم گڏ ڪري ۽ تفصيل به پارٽي کي نه ڏي ته ان جي ذميوار پي ٽي آءِ نه آهي. پي ٽي آءِ جي لکت واري جواب موجب ايجنٽس حلفي بيان ڏنو هو ته هنن فنڊ گڏ ڪرڻ واري پارٽي پاليسي تي عمل ڪيو. ان تي ڪيس جي درخواستگذار اڪبر ايس بابر چيو ته پهرين پي ٽي آءِ قبوليو هو ته هن آمريڪا کان غير قانوني فنڊنگ ورتي ئي نه آهي، هاڻ اها غير قانوني فنڊنگ جو الزام ايجنٽن تي مڙهيي رهيي آهي. اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي دستاويزن جي صحيح يا غلط هئڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو