اسلام آباد (بيورورپورٽ) وزيراعظم جي احتساب بابت مشير شهزاد اڪبر هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته براڊشيٽ جي سربراهه سان ٻه ڀيرا لنڊن ۾ ملاقات ٿي، انهن ملاقاتن جو مقصد صرف ڏنڊ واري رقم کي گهٽائڻ هو، جنهن کان انهن مڪمل طور تي انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته براڊ شيٽ جي سربراهه سان ملاقات هڪ دوست وڪيل جي ذريعي ٿي جيڪو پڻ برطانيا جو هو، ملاقات ۾ ڪوبه فوجي آفيسر گڏ نه هو. براڊ شيٽ واري ڏنڊ جي رقم نواز شريف واري دور ۾ لڳي هئي. هن چيو ته هڪ اڪائونٽ ۾ اهڪ ارب ڊالر موجود هئڻ جو مونکي براڊ شيٽ جي سربراهه ئي ٻڌايو هو.
