پيرجوڳوٺ (رپورٽ: گل سولنگي) مونيڪا لاڙڪ جا اصل قاتل اڃا پڪڙ کان آجا، 50 شڪي ماڻهن جي ڊي اين اي، بلاول ڀٽو نوٽيس وٺي ڇڏيو، پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ هادل شاھه ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل 8 سالن جي نياڻي مونيڪا لاڙڪ جا اصل قاتل قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا آهن، جنهن ڪري سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، مونيڪا معاملي جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي جوابدار گرفتار ڪري وارثن سان انصاف جي هدايت ڪئي آهي، پ پ چيئرمين پاران مقتولا نياڻي جي وارثن سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار پڻ ڪيو ويو، هوڏانهن ايم پي اي فريال ٽالپر به نوٽيس ورتو، جنهن بٿد سندس اسسٽنٽ نوابزاده امير خان لاڙڪ وارثن وٽ پهتو، جنهن وارثن سان تعزيت ڪري تفصيل ورتا ۽ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي، ٻئي طرف مونيڪا لاڙڪ جا اصل قاتل اڃا پڪڙ کان آجا بڻيل آهن، پوليس جي 3 ٽيمن جوابدارن جي نشاندھي ۽ گرفتاري لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي، پوليس مختلف ڳوٺن ۾ ڇاپا هڻي 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جن جي اسپتال مان ڊي اين اي ٽيسٽ ڪري جزا ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، مونيڪا لاڙڪ واري واقعي جي هلندڙ جاچ دوران آر پي او سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي پھچي مقرر ڪيل سينيئر پوليس آفيسرن ۽ ٽيمن جي انچارجن کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ وڌيڪ سخت هدايتون ڏنيون.
181