حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي حسين آباد ٿاڻي جي حد حسين آباد واري علائقي ۾ مبينا طور 14 ورهين جي ناري ثمر النساءِ رند پاران پنهنجي پيءُ اسماعيل رند تي ساڻس هڪ سال تائين زيادتي ڪرڻ واري هنيل الزام وارو معاملو جاچ هيٺ آهي. الزام هيٺ آيل اسماعيل رند ڌي پاران هنيل الزام رد ڪندي چيو آهي ته سندس ڌي سندس مٿان بي بنياد الزام لڳايا آهن. سندس ڌي پسند جي شادي ڪرڻ چاهي ٿي. اهو رشتو کيس ڌي جي لاءِ مناسب نه لڳو. جنهن ڪري هن انڪار ڪيو ته سندس ڌي سندس مٿان اهڙو الزام لڳايو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل ڊي اين اي ڪرايو وڃي، جيڪڏهن الزام ثابت ٿئي ته کيس سرعام روڊ تي گولي هڻي ماريو وڃي. هوڏانهن الزام هڻندڙ ثمرالنساءِ پنهنجي موقف تي قائم رهندي پيءُ مٿان وري به اهو الزام لڳايو آهي ته سندس پي ساڻس زيادتي ڪئي آهي. ٻئي طرف حيسن آباد پوليس ذريعن موجب ٻنهي جو ميڊيڪل ڪرايو ويو آهي. سومر جي ڏينهن رپورٽ اچي ويندي. ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ حسين آباد واسڻ 14 سالن جي ثمر النساءِ الزام هنيو هو ته والد ساڻس هڪ سال کان لاڳيتو حوس جو نشانو بڻايو آهي. جنهن بعد سندس فرياد تي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري الزام هيٺ آيل پيءُ کي گرفتار ڪري ورتو هو.
176