ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف ڪيس ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي ته آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت جو ٻيٽن بابت ڪهڙو موقف آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته ٻيٽن بابت وفاقي حڪومت جي آرڊيننس جو مدو ختم ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڪو نئون آرڊيننس جاري نه ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي درخواستگذار جو چوڻ هو ته آرڊيننس جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ درخواست غير موثر ٿي ويندي، وفاقي حڪومت نيڌرلينڊ سان ٻيٽ لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ جو معاهدو ڪيو آهي. . عدالت رمارڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي ته آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت جو ٻيٽن بابت ڪهڙو موقف آهي؟ عدالت وفاقي سرڪار کان ڊي سيلينيشن پلانٽ جي معاهدي بابت جواب طلب ڪري ورتو آهي.
206