197

انڊونيشيا ۾ زلزلو، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ، 34 ڄڻا فوت، سوين زخمي

جڪارتا(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ آيل زلزلي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 34 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سوين زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق زلزلي جا لوڏا ايڏا شديد هئا جو ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون، پل تباهه ٿي ويا ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. زلزلي جي شدت 6.2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، نتيجي ۾ ڪيتريون ئي اسپتالون به ڊهي ويون آهن، جنهنڪري اسپتال عملو ۽ مريض به مٽيءَ جي ڍير هيٺيان اچي ويا آهن. هن وقت تائين 34 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته امدادي ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو