لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ڪاهنا ۾ مسافرن سان ڀريل بس تيز رفتاري جي ڪري نالي ۾ ڪري پئي، نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق بس هڪ ٽرالي سان ٽڪرائجي نالي ۾ ڪري پئي، حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمن پهچي مسافرن کي ٻاهر ڪڍيو. امدادي ٽيمن مطابق حادثي جي نتيجي هڪ مسافر فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
166