226

مدئجي ويجهو جوڻيجا_دل تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا، 8 زخمي

مدئجي (ويب ڊيسڪ) مدئجي ويجهو جوڻيجا_دل تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آهي، جهيڙي جي نتيجي ۾  5 ڄڻا مارجي ويا ۽ عورت سوڌو 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق مدئجي ويجهو جوڻيجا_دل جي هلندڙ تڪرار تان ٻنهي ڌرين جا ماڻهو ٻيهر آمهون سامهون ٿي پيا، ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ، لٺين ۽ سروٽن جي آزاداڻي استعمال سبب صدر جوڻيجو، رسول بخش جوڻيجو، غلام اصغر جوڻيجو، عبدالواهاب دل ۽  ثناءُ الله دل مارجي ويا، جڏهن ته هڪ عورت سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، جنهنڪري علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي واقعي واري هنڌ دير سان پهتي. مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو