162

وفاق پاران تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان، هن سال ڪنهن به ٻار کي امتحان کانسواءِ پاس نه ڪبو: شفقت محمود

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته هن سال ڪنهن به ٻار کي امتحان کانسواءِ پاس نه ڪبو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود تعليمي ادارا مرحليوار کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. شفقت محمود جو چوڻ آهي ته 18 جنوري کان نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين درجي جو تعليمي سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته پهرين درجي کان اٺين درجي تائين تعليمي سرگرميون پهرين فيبروري کان شروع ٿينديون. تعليم واري وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته هائير ايجوڪيشن ۾ به تعليمي سرگرميون پهرين فيبروري کان بحال ڪيون وينديون. هن چيو ته تعليمي ادارا بند ڪرڻ سان تعليم جو وڏو نقصان ٿيو آهي، هن سال ڪنهن به ٻار کي امتحان کانسواءِ پاس نه ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو