173

ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان 78 ملين ڊالرن جي بچت ٿي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته بجلي جي پيداوار لاءِ ڪوئلو گهرائڻ بدران ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان ملڪ کي 78 ملين ڊالرن جي بچت ٿي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ (ٽي سي اي بي) جي اجلاس جي صدارت ڪندي سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڪنامي آف اسڪيل سان ٿر جي ڪوئلي جي اگهن ۾ شروعاتي طور تي 58 ڊالر في ٽن کان 32 ڊالر في ٽن تائين گهٽتائي ٿي آهي ۽ اڳيان هلي ان جي وڌيڪ واڌ سان اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. وڏي وزير چيو ته ٿرڪول مائننگ بلاڪ 2، فيز ون هڪ 3.8 ايم ٽي پي اي منصوبو هو. هتان هن وقت تائين 60 لک ٽن کان وڌيڪ ڪوئلو ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته 660 ميگاواٽ جي پاور پراجيڪٽن تي ڪم شروع ڪيو ويو ۽ 10 جولاءِ 2019ع کان قومي گرڊ کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، منصوبي سان 3.5 جي ڊٻليو ايڇ واٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪئي آهي. ان موقعي تي توانائي واري وزير امتياز شيخ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني هن کاڻ کي 7.6 ايم ٽي پي اي کان 13 ميگاواٽ تائين وڌائڻ جو منصوبو جوڙي رهي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سائنو سنڌ ريسورسز لميٽيڊ کي ٿر بلاڪ ون ڏنو ويو آهي، جتي هنن ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي ريت کاڻ جا ڪيترائي منصوبا عمل هيٺ آهن، وڏي وزير ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان جهانزيب تي زور ڏنو ته هو ان منصوبي جي منظوري ڏئي ته جيئن ان تي ڪم شروع ڪري سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو