سکر (ويب ڊيسڪ) آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ پ پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه کي سکر جي احتساب عدالت ۾ ايمبولينس ذريعي پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران صوبائي وزير اويس قادر شاهه ۽ ٻيا جوابدار به عدالت پهتا. عدالت ۾ پيشي دوران صحافين سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته انتقام جو نشانو بڻائيندڙ ٻڌائين ته مون ڪهڙي غيرقانوني طور ملڪيت ٺاهي آهي، پي ٽي آءِ جو فارن فنڊنگ ڪيس کُليو ته سڀ پول پڌرا ٿي ويا. هن چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود پي ٽي آءِ خلاف فارن فنڊنگ ڪيس ڇو نه پيو کوليو وڃي.
