404

هر ليکڪ ڪهاڻيڪار نٿو بڻجي سگهي، سنڌي ادب جو معيار گهٽجڻ جو هڪ اهم ڪارڻ سيلف پبلشنگ آھي: ڪليم ٻُٽ

حيدرآباد (ڳالهه ٻولهه: علي مراد چانڊيو) سنڌي ٻولي جي مشھور ناول نگار ڪليم ٻٽ ”سوڀ“ اخبار سان سندس نئين ناول يوٿوپيا بابت خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آھي ته سندس ناول يوٿوپيا هڪ اهڙي خيالي رياست آھي جيڪا ٽيڪنالاجي جي زور تي پنهنجي رهواسين کي يرغمال بڻايو ويٺي آھي، ان رياست جو حڪمران ٽيهه سال ۽ ان کان مٿي عمر وارين عورتن لاءِ  هڪ ڪارو قانون لاڳو ڪري ٿو، جنهنڪري اهڙين عورتن کي يا ته آئسوليشن سٽي ۾ رهڻ جو چيو وڃي جتي انهن جا ڪي به انساني حق نه هوندا يا وري اهي عورتون خودڪشي ڪري ڇڏين، اهڙي ڪاري قانون خلاف جيبي نالي ڪردار مزاحمت جو اعلان ڪري ٿو، جيبي جسماني طور اڌ عورت ۽ اڌ مرد آھي، جڏھن ته سندس تعلق هڪ يوٿوپيا جي هڪ اهم سياسي خاندان سان آھي. هن چيو ته جيتوڻڪ ناول ۾ ڏيکاريل رياست ۽ ڪردار خيالي آھن پر اهڙيون ڪيتريون ئي رياستون اسان جي ڀرپاسي ۾ موجود آھن. هن جو وڌيڪ چوڻ ته مون هي ناول جديديت پڄاڻان ٽيڪنيڪ تي لکيو آھي، جنهن ۾ جادوئي حقيقت نگاري ۽ ڊارڪ هيومر وارا جز به رکيا آھن. ادب جي حوالي سان ڪليم جو چوڻ ھو ته ادب معاشري جي عڪاسي ڪندو آھي، معاشري ۾ ٿيندڙ براين ۽ ناانصافين خلاف ادب ڀت ٿي بيهندو آھي، ادب ۾ وڏي طاقت آھي جنهن سان قومن جي تقدير مَٽجي ويندي آھي. هن چيو ته سنڌي ادب ۾ پڻ اهڙا انقلابي دور رهيا آھن، جنهن سان عوام ۾ شعور ۽ قومي جذبو اڀاريو ويو، پوءِ اهي ون يونٽ خلاف سنڌي اديبن جون قربانيون هجن يا ايم آر ڊي تحريڪ دوران حق ۽ سچ جي آواز کي بلند ڪيو ويو هجي، سنڌي ادب هر دور ۾ پاڻ مڃايو آھي. هن چيو ته گذريل ڪجهه وقت کان سنڌي ادب جو معيار گهٽجندي محسوس پيو ٿئي، ان جا مختلف ڪارڻ آھن، وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اهو آھي ته اسان جو اديب ذاتي مفادن کي وڌيڪ اهميت ڏئي پيو،  جڏھن ته اديبن مان قومي جذبو نڪري چڪو آھي، سنڌي ادب جو معيار گهٽجڻ جو هڪ اهم ڪارڻ سيلف پبلشنگ آھي، جنهن ۾ ڪنهن به معيار کي نٿو پرکيو وڃي، بس پبلشر کي پئسا ملن ٿا ۽ اهو بنا ڏٺي ئي مواد ڇاپي ڇڏي ٿو، ان سان اهو به ٿئي ٿو ته سٺا ليکڪ جن وٽ ڪتاب ڇپرائڻ جيترا پئسا نه آھن سندن لکڻيون ماڻھن تائين نٿيون پهچن، سنڌي ادب کي ٻيهر عروج تي آڻڻ لاءِ گهٽ ۾ گھٽ ڏھن سالن تائين سيلف پبلشنگ کي بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪهاڻي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي، جيئن هر ماڻھو اداڪار ۽ ڊاڪٽر وغيره نٿو ٿي سگهي، اهڙي ريت هر ليکڪ به ڪهاڻيڪار نٿو ٿي سگهي.  هن چيو ته حفيظ ڪنڀر، رحمت الله ماڃوٺي،  اڪبر سومرو،  اختر حفيظ،  امر لغاري، طارق قريشي ۽ نصرت چانڊيو سميت ڪيترا ئي ليکڪ اڄ به سنڌي ۾ عالمي معيار جي ڪهاڻي لکي رهيا آھن. ياد رهي ته ڪليم ٻٽ ڏاهر، وطن جن وساريو،  مري ٿيا نه مات،  راءِ ڏياچ ۽ آزادي جي اپٽار جهڙن ناولن جو ليکڪ آھي ۽ سندس ناولن کي پڙھندڙن خوب ساراهيو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو