184

ترقي پسند اڳواڻ ڪامريڊ عبدالرئوف کوسي جي جدوجهد

ليکڪ: جان نثار کوسو

سنڌ جيڪا قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، سان انساني وسيلن سان به مالا مال آهي، هن سرزمين ڪيترن ئي عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي ڪردار ۽ جدوجهد وسيلي هن ڌرتي جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، هونئن ته سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ اهڙن ڪردارن سان ڀري پئي آهي پر سنڌ جو ضلعو شڪارپور اهڙن ڪردارن جي لسٽ ۾ سرفهرست نظر اچي ٿو پر وري ضلعي شڪارپور جي امروٽ شريف واري علائقي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، عظيم روحاني، سياسي سماجي، علمي، ادبي شخصيت حضرت سيد تاج محمود شاهه امروٽي رح جو هن علائقي سان تعلق هئڻ سبب سندس اثر ڪري هي علائقو انساني وسيلن جو مرڪز بڻجي ويو ۽ سندس اثر ڪري هن علائقي ۾ ڪيترن ئي سياسي، سماجي، مذهبي، علمي ادبي، صحافتي شخصيتن جنم ورتو، جن پنهنجي پنهنجي ڪردار وسيلي پنهنجي علائقي سان گڏوگڏ سنڌ جو نالو پوري ملڪ سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ روشن ڪيو، اهڙن ئي ڪردارن مان امروٽ شريف ويجهو تاريخي ڳوٺ ڀنڀري واءُ ۾ ننڍڙي زميندار ۽ پرائمري استاد جان محمد کوسي جي گهر ۾ 15جنوري 1972ع ۾ جنم وٺندڙ ناليوارو ترقي پسند، وطن پرست سياسي سماجي اڳواڻ، ڪهاڻيڪار ۽ صحافي ڪامريڊ عبدالرئوف کوسو به هڪ هو، هو ڇهن سالن جو مس ٿيو ته هن جو والد وفات ڪري ويو ۽ هو يتيم بڻجي ويو، هن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، مڊل تاريخي ڳوٺ رڪ جي مڊل اسڪول مان پاس ڪئي ۽ مئٽرڪ رستم جي هاءُ اسڪول مان ڪئي، جڏهن ته انٽر ۽ بي اي سي اينڊ ڪاليج شڪارپور مان ڪئي ۽ مالي حالتون خراب هئڻ سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو پر دنيا جي تقريبن وڏن وڏن ڪتابن سميت هزارين ڪتابن جي مطالعي سبب هو پنهجي شخصيت ۾  هڪ وڏو پڙهيل لکيل ماڻهو ۽ دانشور بڻجي ويو، جڏهن هن سان ڪوبه ماڻهو بحث مباحثو ڪندو هو ته ان کي ڪنهن به موقعي اهو شڪ ڪونه پوندو هو ته سرٽيفيڪٽ واري تعليم ۾ صرف پڙهيل آهي، هو رڪ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران 1983ع ۾ شاگرد سياست ۾ آيو ۽ هن ضياءُ شاهي جي خلاف جدوجهد ڪندڙ پ پ جي شاگرد ونگ سپاف جي پليٽ فارم تان سياست جي شروعات ڪئي، ان دور ۾ هن ضلعي شڪارپور ۾ ضياءُ جي آمريت خلاف وڏي جدوجهد ڪئي، ان دوران هو جيل به ويو، هو شاگرد سياست واري زماني ۾ سپاف تعلقي ڳڙهي ياسين ۽ ضلعي شڪارپور جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو، شاگرد سياست دوران هن دنيا جي عظيم انقلابين ڪارل مارڪس، لينن، مائوزي تنگ، ٽراٽسڪي، اسٽالن، فيڊل ڪاسترو، چي گويرا، ڀڳت سنگهه، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد ۽ ٻين عظيم اڳواڻن جي انقلابي جدوجهد ۽ ڪارنامن کي پڙهڻ سبب انقلابي ۽ آدرشي انسان بڻجي ويو، هو ملڪ اندر انقلاب ۽ مظلوم محڪوم طبقي جي حڪمراني جا خواب ڏسڻ لڳو، ان خواب جي ساڀيان لاءِ هن پ پ کي سوشلزم جي نظريي ڏانهن واپس آڻڻ لاءِ موجوده دور جي ناليواري تجزيه نگار۽ ڪسان رابطا ڪاميٽي پاڪستان جي هاڻوڪي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق ۽ مرحوم ڪامريڊ لال خان جي سربراهي ۾ ان وقت ڪم ڪندڙ جدوجهد گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي، هو ان گروپ ۾ شامل ٿيندڙ پهريون سنڌي نوجوان هو ۽ هن جي ذهانت ۽ محنت ڏسي کيس جدوجهد گروپ جي سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر ۽ ان گروپ طرفان نڪرندڙ ماهوار رسالي مزدور جدوجهد سنڌ جو بيورو چيف مقرر ڪيو ويو، ان گروپ جي پليٽ فارم تان هو پ پ کي ٻيهر سوشلزم واري نظريي ڏانهن واپس آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، ڪالم ۽ افسانه لکندو رهيو، پ پ جي 1988ع ۽ 1993ع ۾ حڪومت اچڻ باوجود هن پنهنجي لاءِ ڪا نوڪري يا مراعت نه ورتي، هو ذاتي فائدي بدران ڌرتي جي مظلوم طبقي جي حقن لاءِ پارٽي اندر ڀرپور نموني آواز اٿاريندو رهيو، 90ع واري ڏهاڪي ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد هو سياست کان ڪنڊائتو ٿي ڪجهه عرصي لاءِ خاموش ٿي ويهي رهيو، پر 1998ع ۾ هو وري ٻيهر سرگرم ٿئي ڌرتي جي مظلوم طبقي جي خدمت لاءِ سماجي دنيا ۾ آيو ۽ سماجي دنيا ۾ اچڻ بعد هن معاشري مان قبيلائي جهيڙن جي خاتمي، ڪاروڪاري جي فرسوده رسم جي خاتمي، عورتن جي ترقي، تعليم ۽ صحت جي سهولتن، هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ سنڌ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي نالي سان پنهنجي ڳوٺ ڀرسان جهالت جي ور چڙهيل ڳوٺ الله بخش کوسي ۾ هڪ سماجي تنظيم جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان هن وڏي جدوجهد ڪئي، هو سماجي دنيا کان پاسيرو ٿي ويو ۽ قلم هٿ ۾ کڻي ڌرتي جي مظلوم ماڻهن جي ڏکن جا داستان کڻي ادبي دنيا ۾ آيو ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، وسيح مطالعو ۽ مشاهدو هئڻ سبب کيس ڪهاڻيون لکڻ ۾ ڪابه ڏکائي نه ٿئي، سندس پهرين ڪهاڻي ڪاري هزار داستان ۾ ڇپي، ان کانپوءِ لاڳيتو لکندو رهيو، سندس ڪهاڻيون هزار داستان، سوجهرو، پوپٽ، همرچو، لوڪ، عبرت مئگزين سميت ٻين رسالن ۾ ڇپيون،هن جون تقريبن 40 کن ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف رسالن ۾ ڇپيون، پر هن جو سڀني کان گهڻيون ڪهاڻيون هزارين داستان ۾ ڇپيون،هو هزار داستان جو ريگيولر ليکڪ هو، هن ڪهاڻي جي دنيا ۾  الڳ نالو ٺاهيو، ڌرتي جي مظلومن ماڻهن جي ڏکن، سماجي براين سميت ٻين سڀني اشوز تي ڪهاڻيون لکڻ ڪري کيس وڏي شهرت ملي، هن جون مشهور ڪهاڻيون ماءُ جو درس، ڊسڪنيٽيڊ رسيور، ڦلڻ منهنجون ڍولڻ پٽ، موهن آيو آهين، امن جو گيت،نوريز جا پٽ، مسيح جي ماءُ، وڇڙيل ساٿي، لوفر ۽ ٻيون آهن، جنهن دور ۾ هن ڪهاڻيون لکيون هن جو شمار ان دور جي مشهور ڪهاڻيڪارن ۾ ٿيندو هو، هن جي لکڻ جو سلسلو جاري هو ته سندس مٿان ڊسمبر 2013ع ۾ فالج جو حملو ٿئي، جنهن ۾ هن جي کاٻي ٻانهن سخت متاثر ٿئي ۽ هو معذور ٿي ويو، جڏهن ته فالج ۽ دل جي دوري سبب سندس دل ڪمزور ٿئي وئي، صرف 17 پرسنٽ ڪم ڪرڻ لڳي پر پوءِ به هن همٿ نه هاري ۽ علائقي جي نوجوانن کي مظلوم طبقي لاءِ جدوجهد لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، سندس ان ڪوشش جي نتيجي ۾ علائقي اندر ڪيترن ئي سندس شاگردن جنم ورتو، جيڪي سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي پليٽ فارم تان سماج ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙي رهيا آهن، هن جي نوجوانن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش جاري هئي ته 23 فيبروري 2019ع تي رات جو 2:45 وڳي دل جي بيوفائي سبب هو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سندس وڇوڙي سبب سنڌ هڪ ترقي پسند، وطن پرست سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيت کان محروم ٿئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو