173

ٻار به ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا….

ليکڪه: افق سنڌو

اڪثر ماڻهن جو چوڻ ھوندو آهي ته ڊپريشن Depression وڏي عمر جي انسانن کي ٿيندو آهي، سوال اھو آهي ته ڇا ٻار به ڊپريشن Depression   جو شڪار ٿي سگھن ٿا؟؟؟؟؟؟ جي بلڪل ھا ٻار به ڊپريشن جو شڪار ٿي سگهن ٿا، ٻار به وڏن وانگر سوچيندا، سمجهندا ۽ محسوس ڪندا آهن. وڏن وانگر ئي مختلف ڳالهيون، رويا، حالتون، واقعن ۽ حادثن جي اثر ھيٺ ھوندا آهن. ٻارن جو گرم جوش پنهنجي جڳهه پر اھي به جذبات ۽ احساسات رکندا آهن ٻارن جا تجربا ۽ مشاھدا يقينن گھٽ ھوندا آهن پر جڏهن ڪجهه غير معمولي شيون ٻارن جي ڪنٽرول کان ٻاھر نڪري وينديون آهن ته ھو جلد ئي پريشان ٿي ويندا آهن مايوس ۽ خوفزده پڻ ٿي ويندا آهن، پنهنجي عمر، عقل، سمجهه جي حساب سان ٻارن کي به پريشانيون، فڪر رڪاوٽون ۽ حادثا پيش ايندا آهن، جن جو وقت تي تدارڪ نه ھئڻ جي صورت ۾ ٻار ڊپريشن جو شڪار ٿي پوندا آهن. اسان وٽ ڪو مڪمل تعداد نه آهي، جنھن مان اسان اندازو لڳائي سگھون ٿا ته ھر سال ڪيترا ٻار ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا. ڪجهه  ٻارن جي نشو نما صحيح نه ھئڻ ڪري ٻار  پنهنجي ضروتن ۽ خواھشن جو پورائو نه ٿيڻ تي کاڌو، پيتو،  لٽو،  ڪپڙو  اسڪولن جي فيس ٽيوشن جي فيس وقت تي جمع نه ڪرائڻ تي  اٿڻي ويھڻي ھر طرح جو انهن تي زور ڀريو  وڃي ٿو ته ٻار لازمي  ذھني دٻاءَ ھيٺ اچي وڃن ٿا ۽ جڏهن ٻار پنهنجي بلوغت واري عمر تي پھچن ٿا، پنهنجي پيرن تي پاڻ بيھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا  ته انهن تي ڪمائڻ روزگار/نوڪري سڄي گهر جي ذميواري جو پريشر رکيو وڃي ٿو، اھي ٻار انهن ذميوارين کي پنهنجو فرض سمجهي نڀائين ٿا ۽ ڏينهن رات محنت ڪن ٿا، ٻار ۾ مس ڪجهه بھتري اچي ٿي ته ڇوڪرو ذميوار ٿي ويو آهي ۽ فيصلو شادي تائين پھچي وڃي ٿو، ٻالڪپڻ ۾ ٻارن کي ڪتاب کڻايا وڃن ٿا، جڏهن ڪتاب کڻڻ جي عمر تي پھچن ٿا ته انھن کي پڙھائي کان محروم رکيو وڃي ٿو، ان کانسواءِ گھريلو معاملا جيئن ته والدين جو پاڻ ۾ جهيڙو ان جو الڳ ٻارن تي تمام گھڻو اثر رهي ٿو، والدين جي جگھڙن ۾ اڪثر ٻار ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا، اڄ ڪلهھ اسان جي معاشري ايتري ترقي ڪئي آهي، جو نياڻين کي ميئٽرڪ تائين پڙھائڻ  ضروري سمجھن ٿا، جيئن ھو پنهنجو نالو سڃاڻي ۽ لکي سگھي خاندان گھر اوڙي پاڙي کي سڃاڻي سگھي  ۽ پنهنجي اولاد کي لکرائي پڙھائي  سگھي، باقي اڳتي ان جي پڙھائي کي بند ڪيو وڃي ٿو، گھر جو ڪم ڪار ۽ سلائي برٿ وغيرا تائين محدود رکيو وڃي ٿو، ان سڀ ۾ آخر ڏوهھ ڪنهن جو جيڪڏهن والدين کي صرف پنھنجا  فرض پورا ڪرڻا  آھن ۽ ٻارن جو مسقبل داءَ تي لڳائڻو آهي ته ان وچ ۾ ٻارن جو مستقبل انهن جي پڙھائي سڀ ڪجهه ڌنڌ ۾ ملي وڃي ٿو، ٻارن جي  پنهنجي گھٽ عمر کان جيڪڏهن ٻارن تي  زور ڀربو ته لازمي ھو پريشاني جو شڪار ٿين ٿا. ٻارن جو پھريون درسگاھه ان جو پنهنجو گھر ھوندو آهي ۽ ٻار والدين مان سکندا ۽ پرائيندا آهن، ٻار ڪھڙي به عمر تائين پھچن انھن کي پاڻ سان جڙيل ھر رشتي مثال طور  ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني، چاچو،  چاچي، مامو، مامي، ڀاءُ،  ڀيڻ وغيرا…جي ضرورت پوندي آهي. ٻارن جو پنهنجي والدين سان نه صرف دوستي جو رشتو  بلڪه  يقين جو به رشتو ھوندو آهي  والدين جي مھر ڀري نظر ھيٺ ھر واءُ سڻائو ٿي پوندو آهي ۽ ھر پل امن ۾ گذرندو آهي، والدين کي گھرجي ته پنهنجي ٻارن جي نشو نما تي توجهھ ڏين، پنهنجي مصروفيات کي ڇڏي ڪري پنهنجي ٻارن سان  گڏ وقت گذارن، بيماري حالت يا معذوري واري حالت ۾ به ٻارن کي ھمٿ ڏياريندا رھن، ٻارن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ثابت قدم رھن ته جئين ھو مستقبل ۾ روشن ستارا بڻجي چمڪندا رھن. ٻارن جي اندروني ڪيفيت ۽ انھن جي مزاج کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن، ٻارن جي دوستن / سھيلن جي ڄاڻ رکن، اسڪول ۾ استاد  سان ملاقات ڪن پنهنجي ٻار جي پڙھائي بابت معلومات رکن ۽ اسڪول انتظاميا، يونيورسٽي، ڪاليج، سينٽر جتي جتي ٻار علم پرائي رھيا آهن، مئنيجمينٽ  سان پڻ رابطو ڪن، ڪٿي انهن جي ٻارن سان غلط رويو ته نه رکيو ٿو وڃي، ٻار مسقبل جا معمار ھوندا آھن، پنهنجي ٻارن سان دوستي وارو ورتاءُ رکن ته جيئن ٻار انهن مان خوفزده نه ٿين، پر خوشي سان پنهنجون پريشانيون ظاهر ڪن، والدين پنھنجا مسئلا معاملا ٻارن اڳيان ھرگز ظاھر نه ڪن، پنهنجي رشتن جي اختلافات ۾ ٻارن کي وچ ۾ نه آڻن، قدرت واري جي طرف کان ھر انسان ننڍي وڏي توڙي ٻارن ۾ ڪا نه ڪا ڏات رکيل ھوندي آهي، ان کي اجاگر ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪن ۽ پنهنجي ٻارن جي اصلاح ڪندا رھن، پنهنجي ٻارن جي جذبات ۽ احساسات کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا رھن، پنهنجي ٻارن جي اخلاقي تربيت ڪندا رھن، جيڪڏهن ٻار ڇوڪري /نياڻي آهي ته ان جي خواھشن ۽ ان جي سوچن تي پابندي لڳائڻ بدران ان جي صحيح طرح سان اصلاح ڪن، ھڪ نياڻي اڪثر پنهنجي والد کي تمام گھڻو پسند ڪندي آهي، ھڪ نياڻي جي لاءِ پنھنجو والد آئيڊيل رھوندو آهي، والدين کي ٻارن جي صلاحيتن، تجربن ۽ مشاھدن کي ساراهڻ گھرجي، ٻارن ۾ اڳتي وڌڻ جو حوصلو ۽ جوش پيدا ڪن ته جيئن ھو پنهنجي زندگي  جو قدم خوشي ۽ فخر سان اڳتي  واڌائيندا رھن ۽ زندهه دلي سان پنهنجي زندگي گذارين اھڙي طرح ٻار ڊپريشن جھڙي مرض کان بچي سگھن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو