ليکڪ: نور سنڌي
سنڌ جي خوبصورت جذبن جو شاعر مٽياري ضلعي جي مشھور سياسي سماجي شخصيت غريبن جو ھمدرد حاجي مصري ڪاڪا مائل سروري ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، حاجي مصري ڪاڪا سان ويجھڙائپ 82ع کان ان وقت ٿي جڏھن مون حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي حڪم تي شھدادپور کان ھالا اچي صحافت شروع ڪئي، پاڻ شوخ طبيعت پر دل جو صاف، اجرو، نيڪ نيت، مخلص، ھمت وارو، وٽس لگھي ويل مخالف جي به ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ واري شخصيت ڳالھائڻ جو ڀڙ ڪچھرين جو جو ڪوڏيو غريب فنڪارن شاعرن جي مالي مدد ڪندو ھو، جڏھن مخدوم سعيد زمان عاطف ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ٿيو ته ھالا شھر جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ کين ميڊيا ڪوريج جي ضرورت محسوس ٿي ته پاڻ مونکي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو، جڏھن ته مصري ڪاڪا کي جي ذمي سنڌ سڪريٽريٽ جا ڪم ڪيا ۽ حاجي صاحب نڀايو، ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي ڀرپاسي جي ڳوٺن کي روڊ، رستا، اسپتالون، اسڪول بجلي ۽ ٻيون بنيادي سھولتون وٺرائي ڏيڻ ۽ علائقي جي سوين نوجوانن کي نوڪريون وٺرائي ڏيڻ ۾ سندس اھم ڪردار رھيو، هو ڪافي عرصو کان پنھنجي مرشد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي حاضري ۾ رھڻ ڪري هن جي شاعري کان متاثر ٿي تقريبن 52ع کان شاعري شروع ڪئي، پاڻ پھريون شعر (پئي باهه برھه جي ٻري، سا آگ اجھامي ڪين ڪي)عنوان سان حضرت محمد فقير کٽياڻ جي ميلي ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي صدارت ۾ منعقد مشاعري ۾ پڙھيو، جنھن تي ٻين شاعرن کانسواءِ مرشد مخدوم طالب الموليٰ پاران وڏو داد ملڻ ڪري منجھس وڌيڪ اتساهه پيدا ٿيو، ان بعد پاڻ باقاعده شاعري شروع ڪئي، جيڪا نه صرف ھالا ۾ پر سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڙھي ۽ سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ به ڇپجڻ لڳي، سندس ڪلام ڪيترن ئي فنڪارن ڳايا، جن ۾ استاد محمد ابراھيم، سينگار علي سليم، محمد يوسف، مصري فقير، ڦوٽو زرداري، انورحسين وسطڙو، چاڪر خان چانڊيو ۽ ٻين فنڪارن ڳايو آھي، جڏھن ڪيسٽي دنيا جو عروج ھو ان دور ۾ مٿي فنڪارن مان ڪافي فنڪارن حاجي مصري ڪاڪا جي شاعري جون ڪيسٽون رڪارڊ ڪرايون، ان دور ۾ ريڊيو پاڪستان جو وڏو عروج ھو، جنھن به شاعر جي شاعري رڪارڊ ٿيندي ھئي ته اھا شاعري کي پھرين وڏن شاعرن کان پاس ڪرايو ويندو ھو، ان دور ۾ سندس شاعري مشھور فنڪارن محمد يوسف، استاد ابراھيم، سينگار علي سليم، مصري فقير ۽ ٻين فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏھن ته سندس شاعري پي ٽي وي تي به ان وقت رڪارڊ ٿي، جڏھن صرف پي ٽي وي ھوندي ھئي چڱن ڀلن شاعرن جي خواھش ھوندي ھئي ته سندس شاعري پي ٽي وي تي ڳائجي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس ڪلامن جي ان دور ۾ ڌوم ھوندي ھئي، جڏھن شاهه لطيف جي عرس مبارڪ تي ادبي ثقافتي پروگرام شروع ڪرائڻ ۽ انھن کي عروج تي پھچائڻ ۾ مخدوم طالب الموليٰ جو وڏو ڪردار رھيو، انھيءَ ڪم ۾ مخدوم صاحب سان مددگار طور سيد شاھنواز شاھه عارف الموليٰ ۽ حاجي مصري ڪاڪا نمايا نظر اچن ٿا. حاجي مصري ڪاڪا مائيل سروري 19سيٽمبر 37ع ۾ نيو سعيدآباد ويجھو ان دور جي مشھور زميندار سماجي شخصيت محمد لائق ڪاڪا جي گھر ۾ جنم ورتو، سندن تعليم سنڌي فائنل ۽ اديب عالم فاضل ھئي، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد اباڻي زمين سنڀالڻ لڳو، والد جي لاڏاڻي بعد سندس ذميواريون وڌي ويون، سندس ڳوٺ واري اوطاق تي وقت به وقت مشاعره راڳ رھاڻ جون محفلون ٿينديون ھيون، سياري ۾ مچ تي سگھڙ ڪچھريون به ڪرائيندو رھيو، پاڻ ثقافت جو امين ھو، هو شاعرن، سگھڙن، ملهھ پھلوانن ۽ سازندن جا سرپرست رھيو هو موسيقي جي وڏي ڄاڻ رکندو هو، ڪڏھن ڪڏھن پاڻ سازن تي ڳائيندو هو. پنھنجي ٻي شادي ۾ سازن تي ڳائي ڄاڃنن کي حيران ڪري ڇڏيو، پاڻ ملاکڙن جو شوقين به ھو، لطيف سرڪار يا ٻين ميلن تي ٿيندڙ ملاکڙن ۾ شروع کان آخر تائين ويھي ملھن کي انعام ڏيندا هو، ملهھ ملاکڙي تي سندس سھڪار سان ھڪ ڪتاب به ڇپيو، سماجي خدمتن جي اعتراف طور کيس مختلف سماجي تنظيمن پاران ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا، جن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن جي ورسي تي مخدوم طالب الموليٰ ايوارڊ 95ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي ھٿان مليو، سندس شاعري جو مجموعو (ناھي مستن تي ڪا ميار )سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران 2020ع ۾ ڇپيو آھي، جنھن ۾ غزل، ڪافيون، بيت، ڏھر ۽ ڪجهھ اردو شاعري به شامل آھي، سندس شاعري دل کي ڇھندڙ آھي، پاڻ سنڌي قوم لاءِ به شاعري ڪئي آھي، جنھن ۾ سنڌين کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ ۽ ايڪو پيدا ڪرڻ، پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ ھمٿ جا ھٿيار کڻي جدوجھد ڪرڻ، اولاد کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارڻ جو درس ڏنو آھي، اسان ھڪ سياسي سماجي علمي ادبي شخصيت وڏي مھمان نواز زنده دل سدا بھار شخصيت کان محروم ٿي ويا آھيون، سندس لاڏاڻي سان صرف سندس خاندان يا ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا وارا نه پر علائقي جا ھزارين ماڻھون ۽ اسان سندس چاھيندڙ سوڳوار آھيون، پنھجي مضمون جي پڄاڻي مائل سروري جي ئي شعر سان ڪيان ٿو ان دعا سان ته الله سائين پنھجي ڪرم سان مرحوم حاجي مصري ڪاڪا مائل سروري کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي سندس سوڳوارن کي صبر تحمل جي توفيق عطا فرمائي (آمين)