307

اسرائيل جو مسئلو ۽ تبديل ٿيندڙ اسلامي دنيا

ليکڪ: شهريار رحمان کوسو 

ڳالهيون جهڙي نموني نظر اينديون آهن حقيقت ڪجهھ ان کان مختلف هوندي آهي، جڏهن قومن جي اندر دشمني جا جذبا پيدا ڪيا ويندا آهن ته انهن جذبن جو خارج ٿيڻ تقريبن ناممڪن هوندو آهي، ڇو ته سوچ هڪ دفعو جيڪر نسلن ۾ اچي وئي ته ان کي ختم نٿو ڪري سگهجي، مثال طور ڪا خانداني دشمني هجي ۽ اها دشمني ڪئي سال رهي هجي ته ايندڙ نسل ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ان خاندان لاءِ بغض پنهنجي دلين ۾ رکندا ايندا. هن وقت دنيا جي سياست هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، مستقبل ايشيا جو دنيا تي حڪمراني جو آهي، تنهن ڪري نوان معاهدا ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، اڄ جي ڊجيٽل معاشي نظام ۾ ملڪن جي سياست ۽ معيشت ائين نٿي هلي سگهي ته توهان ڪنهن ملڪ کي مستقل دشمن جو خطاب ڏئي خاموش ويٺا رهو، ڇو ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جيڪي ادارا ٺاهيا ويا آهن انهن ۾ دنيا جا تقريبن ملڪ ميمبر آهن ۽ معيشتون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، تنهن ڪري اڳتي هلي توهان کي ڪي فيصلا نه چاهيندي به ڪرڻا پوندا، باقي هر قومن اندر اختلاف رهيا آهن ۽ اڳتي به رهندا، ڪي قومون هڪٻئي کي هڪٻئي جو ازلي دشمن به سمهجندو رهيون آهن ۽ ممڪن آهي ته اڳتي به ائين ئي ٿيندو رهي پر ڳالهھ پنهنجي مفاد جي هوندي آهي، هر ملڪ کي پنهنجي ملڪ جو مفاد نظر ايندو آهي. 1940ع کان اڳ عرب ملڪن جو عيسائيت سميت هر غير مذهب قومن سان رويو ٻيو هوندو هو ۽ انهن ۾ لچڪ به نه هوندي هئي پر جڏهن تيل نڪتو ۽ عرب ملڪن آمريڪا سميت مغربي ملڪن سان تيل جو ڪاروبار شروع ڪيو ته روين ۾ غير معمولي تبديلي آئي. اسرائيل جي ڳالھه ڪجي ته آمريڪا هميشه اسرائيل سان ئي گڏ رهيو آهي پر تنهن باوجود به سعودي عرب آمريڪا جو دوست ملڪ رهيو آهي، سعودي عرب هميشه آمريڪا سان گڏ بيٺو آهي، تنهن کان سواءِ جڏهن به عرب ملڪن ۽ اسرائيل ۾ جنگ ٿي آهي ان ۾ به آمريڪا کليل اسرائيل جي مدد ڪئي آهي پر سعودي عرب ڪڏهن به آمريڪا جو تيل ناهي بند ڪيو. عرب ليگ جيڪا 1945ع ۾ ٺاهي وئي هئي، جنهن جا هن وقت 22 ملڪ ميمبر آهن، ان ۾ سعودي عرب، فلسطين، مصر، متحده عرب امارات، قطر، عمان وغيره شامل آهن، عرب ليگ اسرائيل ۽ فلسطين جي مسئلي ۾ گهڻو شدت وارو رويو اختيار نه ڪيو آهي، انهن هميشه مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. عرب ليگ جي ملڪن فلسطين جي حق جي ته ڳالهھ ڪئي آهي پر انهن اسرائيل سان اندروني طور تي ڳالهيون پڻ جاري رکيون آهن ۽ ڪڏهن به فلسطين ۽ اسرائيل مسئلي تي ان سطح تي آمريڪا سان ڳالهيون نه ڪيون آهن، جيڪي ڪرڻ کپنديون هيون. عرب ليگ جي اهم ملڪ مصر اسرائيل سان گهڻو ويجهو رهيو آهي، 1979ع ۾ مصر-اسرائيل امن معاهدو به ٿيو، مصر عرب ليگ جو پهريون ملڪ هو جنهن اسرائيل کي تسليم ڪيو. مصر اسرائيل سان ايترو ويجهو ٿي ويو جو اسرائيلي دفاع واري وزير بيان ڏنو ته مصر صرف اسان جو دوست ملڪ نه پر اسان جي هر فيصلي جو ساٿي ۽ حامي ملڪ آهي. اسرائيل جو ٺهڻ ۽ ان جي تاريخي حيثيت کي لکڻ هڪ ٻيو موضوع آهي، جنهن تي يقينن ڪنهن موقعي تي لکبو، پر ان شيءِ کي سامهون رکڻ ضروري آهي ته جيڪر ڪو ملڪ اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري ۽ رڙيون گهڻيون ڪري ٿو ته پوءِ ان ملڪ کي ان ملڪ سان به تعلق ختم ڪرڻ گهرجن جيڪو اسرائيل جو وڏو مددگار رهيو آهي، بهرحال! اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجھه ٿيو آهي ۽ ٿي به رهيو آهي، 2005ع ۾ سعودي عرب اسرائيلي شين تان پابندي هٽائي ڇڏي هئي ۽ ان پابندي کي ختم ڪرائڻ ۾ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جو عمل دخل هو، هن اداري جو سعودي عرب به ميمبر آهي، ته اسرائيل به، هن اداري جو اهو اصول آهي ته هڪ ميمبر ملڪ ٻئي ميمبر ملڪ جي شين تي پاپندي نٿو هڻي سگهي، ان کانسواءِ  2016ع ۾ سعودي رٽائرڊ آرمي آفيسر اسرائيل ويو هو، جنهن جو سبب اهو ٻڌايو ويو ته اهو سعودي ۽ اسرائيل ۾ امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پيغام کڻي ويو هو. ايران به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اسرائيل کي تسليم ڪري چڪو آهي ۽ ترڪي به 2016ع ۾ اسرائيل سان تعلق بحال ڪري ان کي تسليم ڪيو، جڏهن ته دنيا جي گهڻن مسلمانن جو خيال آهي ته ترڪي مستقبل ۾ مسلمانن جي قيادت ڪندو. تازو 2020ع ۾ عرب ملڪن بحرين، متحده عرب امارت، سوڊان ۽ مراڪش اسرائيل کي تسليم ڪيو آهي ۽ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا آهن، سعودي عرب اسرائيل کي آفيشل طور تي ته قبول ناهي ڪيو پر ان جا اشارا ملڻ شروع ٿي ويا آهن ته جلد سعودي عرب فيصلو ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي، ڇو ته تازو جڏهن بحرين ۽ عرب امارت وارن اسرائيل کي تسليم ڪيو ته سعودي عرب ڪو به سخت رد عمل نه ڏنو، پر متحده عرب امارات کي ان جي اجازت ڏني ته اسرائيلي جهاز عرب عمارت وڃڻ لاءِ سعودي عرب جي فضائي حد استعمال ڪري سگهن ٿا. اسرائيل جو ڪيس هميشه تڪراري رهيو آهي، پر ڏٺو ويو آهي ته دنيا جي انهن ملڪن به اسرائيل کي تسليم ڪيو آهي، جن جي گهڻي آبادي مسلمانن تي ٻڌل آهي، تازو عرب ملڪن جو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ واري معاملي ان ڳالھه ڏانهن سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته اسرائيل جو تسليم ٿيڻ مذهبي مسئلو آهي يا علائقي تڪرار آهي؟ پاڪستان جي حڪومت هن وقت تائين ته اهو چئي رهي آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ناممڪن آهي ۽ اهو پاڪستان جي نظريي جي خلاف آهي، ملڪن جا ۽ قومن جا دشمن ٿيندا آهن پر انهي دشمنن سان گڏ هلڻو به پوندو آهي، جنهن جو وڏو مثال پاڪستان ۽ ڀارت جو آهي، اها هڪ کليل حقيقت آهي ته ڀارت پاڪستان جو دشمن آهي پر ماضي ۾ ڏٺو ويو آهي، ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ معاهدا به ٿيا آهن. اسرائيل جو سڀ کان وڏو حامي آمريڪا آهي ۽ پاڪستان هميشه آمريڪا سان گڏ رهيو آهي. حقيقت ۾ اسرائيل جو معاملو ايترو پيچده ناهي، جيڪر اسرائيل-فلسطين ٺاھه به ٿي وڃي ته تڏهن به پاڪستان کي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ۾ مسئلو پيش ايندو ۽ اهو مسئلو عوام جو پريشر هوندو، بهرحال! پاڪستان اسرائيل کي تسليم ڪري يا نه پر عرب ملڪن جو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي آهي ته پاڪستان جي مٿان دٻاءَ وڌي سگهي ٿو. عين ممڪن آهي ته ڪجهھ وقت ۾ پاڪستان جي اندر اها بحث شروع ڪرائي وڃي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ مذهبي معاملو نه پر سياسي معاملو آهي، جئين عام ماڻهو کي خبر پئي سگهجي ۽ وقت اچڻ تي عوام طرفان پريشر نه اچي، تنهن ڪري علماءَ ۽ عالم جيڪر اهو بحث ڪندا ته عوام کي اها ڄاڻ ملندي ته هي مسئلو مذهبي نه پر سياسي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو