ايڊيٽوريل
پاناما پيپرز کانپوءِ ملڪ اندر براڊ شيٽ جي معاملي به هڪ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ روز نيون ڳالهيون ۽ نوان انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن، هن معاملي تي وزيراعظم عمران خان، مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ وزيرن سميت سياستدانن طرفان پنهنجي پنهنجي سوچ موجب خيالن جو اظهار پڻ ڪيو پيو وڃي، ميڊيا تي پيل هي بحث لاڳيتوڪجهه ڏينهن کان ڇانيل آهي، هاڻي براڊ شيٽ ڪمپنيءَ جي انتظاميا پڻ ميدان تي لهي پئي آهي ۽ ان ڪجهه اهڙا انڪشاف به ڪيا آهن، جن جي ڪري حڪومت طرفان مخالف ڌر مٿان ٿيندڙ تنقيد جو رخ وري تبديل ٿي خود حڪومت ڏانهن ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته براڊ شيٽ جي سربراهه ڪاوا موساوي جو چوڻ آهي ته حڪومت جي ماڻهن طرفان کانئس پئسا پڻ گهريا ويا هئا، انهيءَ انڪشاف سياسي ماحول گرمائڻ سان گڏ هڪ نئون پنڊورا باڪس پڻ کوليو آهي، گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان براڊ شيٽ جي معاملي کي پاناما پيپرز سان ڳنڍيندي چيو هو ته اڳ پاناما پيپرز ۽ هاڻي براڊ شيٽ اسان جي حڪمران اشرافيه جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو پردو هٽايو آهي، اربع ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۽ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته براڊ شيٽ مڪمل شفافيت سان جاچ ڪري، هن چيو ته ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته براڊ شيٽ کي وڌيڪ جانچ کان ڪنهن روڪيو؟ وزيراعظم چيو ته براڊ شيٽ واضح ڪري ته ڪنهن جي چوڻ تي جاچ روڪي وئي. اشرافيه پرڏيهه ۾ ناڻو لڪائڻ لاءِ مني لانڊرنگ ڪندي آهي ته جيئن انهن جي خلاف ملڪ ۾ ڪارروائي به نه ٿي سگهي. وزيراعظم عمران خان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته تبديلي جي رستي ۾ ”اسٽيٽس ڪو“ سان چنبڙيل ماڻهو رڪاوٽ آهن، رشوت ۽ ڪرپشن وارا ملڪ ڪڏهن ترقي نه ٿا ڪري سگهن، جيڪي ماڻهو پراڻي نظام مان فائدو وٺندا رهيا آهن اهي ئي تبديلي آڻڻ نه ٿا ڏين، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڪرپشن کي تسليم ڪيو ويو آهي، آٽو مشين سان دنيا ۾ تبديلي آئي ۽ ڪرپشن ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي، رشوت هلندي رهي ته پوءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ گرمين جي موسم تائين سمورين وزارتن کي اي گورننس تي آڻڻ جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي.
براڊ شيٽ هڪ برطانوي ڪمپني آهي جنهن کي اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي دور ۾ مني لانڊرنگ ۽ ٻين مالي ضابطگين بابت جاچ جي ذميواري ڏني هئي ۽ ان سلسلي ۾ معاهدو پڻ ڪيو ويو هو، بعد ۾ ان ڪمپني کي اها جاچ بند ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو پر ڪمپنيءَ جاچ لاءِ مقرر ٿيل پئسا نه ملڻ سبب عالمي عدالت ۾ پاڪستان خلاف ڪيس داخل ڪيو جيڪو ان کٽي ورتو ۽ عدالت طرفان پاڪستان مٿان 7 ارب رپين جو ڏنڊ وڌو ويو جيڪو ڀري پڻ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪمپني خلاف ڪيس وڙهڻ لاءِ وڪيلن کي رقم الڳ ڏني وئي، اها جاچ ڇو بند ڪئي وئي ۽ ڪمپني طرفان پاڪستان کي ڪهڙا تفصيل ڏنا ويا هئا؟ ان بابت ملڪي ميڊيا ۾ هڪ نئون بحث ڇڙي ويو آهي. مخالف ڌر طرفان به حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته موجوده حڪومت معاملن کي لڪائڻ لاءِ ڏنڊ ڀري ڏنو آهي ۽ عوام کي اوندهه ۾ رکيو پيو وڃي، مسلم ليگ (ن) طرفان ته عالمي عدالت طرفان ڏنل فيصلي کي پڻ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پڻ هن معاملي جو نوٽيس وٺندي ان جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏنو آهي ۽ پارليامينٽ جي پرڏيهي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي پڻ قدم کڻندي مختلف تفصيل گهريا ويا آهن، ڏسجي ته هي معاملو هاڻي ڪهڙو رخ اختيار ڪري ٿو پر حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ان معاملي تي هڪ نئين آئيني ۽ قانوني جنگ ٿيڻ جو به امڪان آهي ۽ جيڪڏهن ان جا تفصيل سامهون آيا اهي ڪافي ڇرڪائيندڙ هوندا، وزيراعظم عمران خان پڻ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته هو ان معاملي جي جاچ ڪرائڻ چاهي ٿو ته براڊ شيٽ کي وڌيڪ جاچ ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو هو، هن وقت حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ لفظي جنگ هلي رهي آهي ۽ براڊ شيٽ وارن به مداخلت ڪري ڄڻ ٻرندي تي تيل هاريو آهي، ڏسجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ هي معاملو ڪهڙو رخ اختيار ڪري ٿو پر اهو طئه آهي ته هي معاملو به پاناما پيپرز وانگر هڪ نئين سياسي طوفان کي پاڻ سان گڏ کڻي ايندو.