ليکڪ: انٿوني زورچر
هڪ هفتو اڳ بندوقون تاڻي سيڪيورٽي اهلڪارن مڇريل ماڻهن خلاف جنهن آمريڪي ايوان جو دفاع ڪيو، ٺيڪ هڪ هفتي کانپوءِ اهي ئي پارليامينٽ ميمبر صدر جي مواخذي لاءِ جمع ٿيا، جن هجوم جي حمايت ڪئي هئي، آمريڪا جي 231 سالن جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪنهن صدر جو ٻه ڀيرا مواخذو ڪيو پيو وڃي، هڪ اهڙو صدر جيڪو پنهنجي صدارتي دور جي تاريخي ڪاميابين تي فخر ڪرڻ گهري ٿو، ان جي منصب جو اهو انجام انتهائي شرمناڪ آهي، مواخذي ۾ صدر ٽرمپ تي اهو الزام هنيو ويو آهي ته هن اربع جي صبح وائيٽ هائوس ويجهو پنهنجي حامين جي ريلي ۾ هزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي انهن کي گادي واري هنڌ تي وڳوڙ ڪرڻ تي اڪسايو هو. آمريڪي ايوان صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف مواخذي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ هاڻي وڏي ايوان يعني سينيٽ ۾ ان جو ٽرائل ڪيو ويندو، جتي هڪ سئو ميمبرن تي ٻڌل سينيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي صدارت هيٺ جيوري جي حيثيت سان ويهندو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي جوبائيڊن جي حلف برداري بعد شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته ان تي تمام گهڻا شڪ شبها ظاهر ڪيا پيا وڃن. ان ڪري ايوان جي ڪارروائي جي سياسي اثر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.هڪ سال اڳ ايوان نمائندگان پهريون ڀيرو هڪ به ريپبلڪ ووٽ کان بغير صدر ٽرمپ جو مواخذو ڪيو هو، هن دفعي ان جي پنهنجي ئي جماعت جي 10 ميمبرن هن قرارداد جي حمايت ڪئي آهي ۽ ان کان سواءِ ڪيترن ئي ميمبرن گادي واري شهر ۾ وگوڙن تي ان جي لفظن ۽ قدمن جي مذمت ڪئي آهي، چيمبر ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ ريپبلڪن ۽ اڳوڻي نائب صدر ڊيڪ چيني جي ڌيءُ لز چيني سڀ کان وڌيڪ ذڪر قابل شخصيت آهي، ڊيموڪريٽس مواخذي واري بحث دوران اڪثر ان جي بيان جا حوالا ڏنا هئا، جنهن ۾ هن لکيو هو ته آمريڪي صدر طرفان آئين ۽ پنهنجي عهدي سان غداري جو اڄ تائين اهڙو ڪو واقعو نه ٿيو آهي، پهريان ئي چيو پيو وڃي ته ڪجهه ريپبلڪنز سينيٽ ۾ صدر کي ڏوهاري قرار ڏيڻ واري ووٽنگ جا حامي آهن، نيويارڪ ٽائمز اڱاري جي رات خبر ڏني هئي ته اڪثريت رکندڙن جي اڳواڻ مچ مڪ ڪونل هن ڳالهه تي خوش هو ته ٽرمپ مواخذي جي رستي تي هلي پيو ۽ هن اميد ظاهر ڪئي آهي ته ان عمل سان پارٽي کي صفائي جو موقعو ملندو، هن جو چوڻ هو ته ان وقت تائين فيصلو محفوظ رکنداسين جيستائين ڪيس جي ٻڌڻي ختم نٿي ٿئي، پر سينيٽر جي آفيس جيڪا عام طور تي هر معاملي تي خاموش رهندي آهي، اهڙيون خبرون ڪا معمولي ڳالهه نه آهي، پارٽي اندر اختلاف واضح طور تي سامهون اچي رهيا آهن، اربع واري ڏينهن نظر ايندڙ واضح فرق ايندڙ ڏينهن ۾ ريپبلڪنز لاءِ چونڊن جي راهه هموار ڪندو، هڪ طرف ان صدر جي حمايت جاري آهي، جنهن ووٽرز جو هڪ نئون اتحاد ٺاهيو، جنهن 2016ع ۾ وائيٽ هائوس ۽ ڪانگريس ۾ ان کي ڪاميابي ڏياري، پر 2020ع ۾ هو هارائي ويو. ٻئي طرف هڪ غير يقيني مستقبل آهي، پر ان مستقبل ۾ اهي تڪراري بيانن واري صدر کان آزاد هوندا. گذريل هفتي احتجاجن جي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڊيموڪريٽس اهو بحث ڪري رهيا هئا ته صدر جي ان حملي جو ڪهڙي طرح بهتر جواب ڏنو وڃي ۽ ان کي ڪهڙي سزا ڏني وڃي، انهن جي خيال ۾ ٽرمپ نه رڳو آمريڪي جمهوريت پر انهن کي به خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پوءِ انهن ٽرمپ جو مواخذو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو هڪ اثرائتو قدم هو ۽ ڊيموڪريٽس صرف ڊونلڊ ٽرمپ نه پر ٽرمپ ازم جو مواخذو ڪري رهيا هئا، مواخذي جي آرٽيڪل ۾ خاص طور تي انهن مهينن جو حوالو ڏنو ويو هو جڏهن ٽرمپ نومبر جي عام چونڊن جي نتيجن کي نه مڃڻ ۽ جمهوري عمل کي نقصان پهچائڻ ۾ گذاريا هئا ۽ ايوان نمائندگان ۾ بحث دوران هنن صدارتي دور دوران ٽرمپ جي طرز عمل تي تنقيد ڪئي ۽ ڪانگريس ۾ انهن ريپبلڪنز تي تنقيد ڪئي. جيڪي ٽرمپ جي حمايت ڪندا هئا، ٿي سگهي ٿو ته اهڙا ريپبلڪن هجن جيڪي ٽرمپ ۽ ٽرمپ ازم کان پاسو ڪرڻ چاهيندا هجن پر اهو واضح آهي ته ڪانگريس ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڊيموڪريٽ صدر سان گڏ رهڻ جي ڪوشش ڪندا پر گذريل هفتي جو گوڙ گهمسان پوري ريپبلڪن پارٽي جي ڳچيءَ ۾ ڦاٿل هڏيءَ جيان آهي. گذريل ڪجهه مهينن ۾ تاريخ جي هڪ متبادل رخ بابت ٿوري دير لاءِ سوچيو، جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ شڪست کي پوري طرح چئلينج ڪرڻ بدران نومبر ۾ خاموشي سان ان جو اعتراف ڪري ورتو، ريپبلڪنز شايد جارجيا ۾ هڪ چونڊ کٽي وڃن ها ۽ پوءِ به سينيٽ تي قابض رهن ها، ٽرمپ ان جي سياست کي دفن ڪرڻ جي خواهشمند ريپبلڪنز کي منهن ڏيڻ بدران پارٽي جو ڪنگ ميڪر بڻجي وڃي ها ۽ 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هڪ حقيقي امڪان پيدا ٿي وڃي ها، پر هاڻ ٽرمپ رسي جي پڇڙي تي آهي، ان کي پنهنجي پياري ٽوئيٽر اڪائونٽ سميت سوشل ميڊيا سان خاموش ڪرايو ويو آهي، پر ان کي سينيٽ طرفان ڪنهن عهدي لاءِ چونڊ وڙهڻ کان منع ناهي ڪئي وئي، پر ريپبلڪن پارٽي اندر ان جو اقتدار ۽ اثر رسوخ ختم ٿي چڪو آهي، ايوان نمائندگان ۾ عوامي راءِ شماري سان گڏوگڏ ماڻهن جو چوڻ هو ته صدر کي هينئر به ان جي پارٽي اندر حمايت حاصل آهي، پر گذريل هفتي انهن جي مخالفن جي حوصلا افزائي ٿي هوندي، جيڪي ڪريل صدر کي هڪ آخري ڌڪو ڏيڻ چاهين ٿا، 5 سالن کان ٽرمپ پنهنجي ناقدين ۽ اڳڪٿيون ڪندڙ ماهرن کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ لڳل هو، هو اهڙن اسڪينڊلز ۽ تڪرارن مان بچي نڪتو جيڪي عام طور ڪنهن ٻئي سياستدان کي دفن ڪري ڇڏين ها، پر هن دفعي ڪجهه مختلف ٿي سگهي ٿو. پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ جوبائيڊن کي هن وبائي بيماري جو مقابلو ڪرڻو پوندو جيڪا هڪ ڏينهن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ آمريڪين جون زندگيون وٺي رهي آهي ۽ آمريڪي جي معاشي حالتون خراب ڪرڻ جو هڪ وڏو سبب آهي ۽ هن وقت هو جن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو هوندو، سينيٽ ۾ ان جي مواخذي جي ٻڌڻي ٿي رهي هوندي، ريپبلڪنز خبردار ڪيو هو ته ان وقت جڏهن آمريڪا کي اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي، مواخذو آمريڪين ۾ وڌيڪ فرق ۽ ڏڦيڙ جو سبب بڻبو، هنن جو چوڻ هو ته بائيڊن قوم کي متحد ڪرڻ جا واعدا ڪيا آهن، مواخذو انهن کي مشڪل بڻائي ڇڏيندو، شايد ائين ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ريپبلڪنز طرفان بائيڊن جي چونڊ کٽڻ دوران ڊگهي مهم هلائي وئي، جنهن جي جواب ۾ ڊيموڪريٽس آمريڪا کي متحد ڪرڻ واري دعويٰ تي تيزي سان ڪم ڪيو آهي، ان ڪري مواخذي جو ڪيس بائيڊن جي صدارتي دور جي ابتدائي ڏينهن ۾ ان لاءِ ڪجهه حقيقي عملي چئلينج پيش ڪري رهيو آهي، ان جو پهريون سبب اهو آهي ته سينيٽ ٽرمپ بابت فيصلو ڪرڻ ۾ مصروف هوندو ۽ شايد انهيءَ سبب هو بائيڊن کي 100 ڏينهن واري ايجنڊا کي لاڳو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ کان قاصر رهندي ۽ انهيءَ سبب به هو جوبائيڊن جي انتظاميا جي ميمبرن جي مقررين جي فوري طور تي تصديق نه ڪري سگهندي ۽ اها ئي ڳالهه جوبائيڊن جي وفاقي حڪومت جي نظام کي ڪاميابي سان گڏ هلائڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري ٿي، بائيڊن پڇيو آهي ته ڇا سينيٽ جنهن وقت اڳوڻي صدر لاءِ جيوري جي طور نه ويٺي هئي ته ڇا تصديق ۽ قانونسازي تي ڪم ڪندي ٽرمپ جو جز وقتي ٽرائل ڪري سگهي ٿي. ان ڪري ان هي ڪا به ضمابت ناهي ته ريپبلڪن يا غير جماعتي سينيٽ جي پارليامينٽيرين ان منصوبي جي حمايت ڪندا، ڪنهن به نئين صدر جي لاءِ پهريان 100 ڏينهن تمام اهم آهن، هي اهو وقت هوندو آهي جڏهن ان جو سياسي اثر رسوخ سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي، پر ٽرمپ جي مواخذي گهٽ ۾ گهٽ جوبائيڊن جي ڪجهه طاقت ته گهٽ ڪري ڇڏي آهي.