183

ملائيشيا ۾ مقامي اختيارين عدالتي حڪم تي پي آءِ اي جو جهاز قبضي ۾ وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا ۾ مقامي اختيارين عدالتي حڪم تي پي آءِ اي جو جهاز پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مسافرن کي منزل تائين پهچائڻ لاءِ متبادل انتظام ڪيا ويا. پي آءِ اي جي ترجمان تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ڪوالالمپور ۾ پي آءِ اي جي بوئنگ جهاز 777 کي ليز جون رهتون ادا نه ٿيڻ تي قبضي ۾ ورتو ويو آهي، جهاز جي ليز واري معاملي تي پي آءِ اي ۽ هڪ پارٽي جو ڪيس برطانيا جي عدالت ۾ هلندڙ آهي، جهاز جو قبضو ڇڏرائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، مسئلي کي بهتر نموني سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو