ملير (ويب ڊيسڪ) ملير ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي برطرف ملازمن جو گهرڀاتين سوڌو سي اِي او جي رهائشگاهه آڏو پنجين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته رياست مدينه جا خواب ڏيکاريندڙ حڪمرانن هڪ ئي ڌڪ ۾ ساڍا 4 هزار ملازمن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت اسٽيل ملز جي ملازمن کي برطرف ڪري هزارين ڪٽنبن کي بک، بدحالي ۽ اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، فيسون نه ڏيڻ تي پورهيتن جي ٻارن جون داخلائون رد ٿي ويون آهن، ملز انتظاميا گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هنن چيو ته برطرفين جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته احتجاجي تحريڪ جاري رهندي ۽ آخر آپگهات ڪرڻ وارو رستو به اختيار ڪيو ويندو.
190