ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌهاءِ ڪورٽ ڊيٽا پروٽيڪشن قانون نه ٺاهڻ تي وفاقي حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته سڄي دنيا ۾ ڊيٽا پروٽيڪشن وارو قانون موجود آهي ته اسان وٽ ڇو ناهي؟ سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ ساڍا 11 ڪروڙ پاڪستانين جي حساس ڊيٽا چور ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران واٽس ايپ تي موجود ڊيٽا فيس بڪ تي شيئر ٿيڻ واري معاملي جون به شڪايتون ٿيون. جسٽس محمد علي مظهر جو چوڻ هو ته حڪومت کي ڊيٽا پروٽيڪشن جو قانون ٺاهڻو آهي ته پوءِ دير ڇو پئي ڪئي وڃي؟ جنهن وزارت جو جواب اچڻ ضروري آهي ان رپورٽ ئي جمع نه ڪرائي آهي، حڪومت کي قومي معاملو سنجيدگيءَ سان ڏسڻ گهرجي. عدالت قانون واري وفاقي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان جواب طلب ڪندي اٽارني جنرل ۽ آءِ ٽي واري وزارت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
