191

پي ڊي ايم مان ڪوبه خطرو ناهي، مخالف ڌر کي اسلام آباد ۾ اجازت ڏيڻ جو مطلب ڇوٽ ڏيڻ ناهي، آئين جو احترام ٿيندو ته کين احترام ملندو: شيخ رشيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جي قيادت مان ڪوبه خطرو ناهي، ڪجهه ٻيون شيون آهن جن جو وقت اڃا ناهي آيو، پيپلز پارٽي ٽيسٽ مئچ کيڏي رهي آهي، مولانا فضل الرحمان آخري 5 اوورن جي مئچ کيڏڻ گهري ٿو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مخالف ڌر کي اسلام آباد ۾ اجازت ڏيڻ جو مطلب ڇوٽ ڏيڻ ناهي، 19 تاريخ تي ڏسنداسين ته پي ڊي ايم وارا آئيني حق ڪيئن استعمال ڪن ٿا، جيئن ڪندا تيئن ڀريندا، آئين جو احترام ٿيندو ته کين احترام ملندو. شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن ملڪ ۾ براڊ شيٽ جو اشو هلندو، مخالف ڌر وارا پاناما جيان براڊ شيٽ تي به ڪو جواب ڏئي نه سگهندا، اپوزيشن جو احتجاج براڊ شيٽ جي ور چڙهي ويندو ۽ براڊ شيٽ ۾ اڃا نوان انڪشاف ٿيندا. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته وزيراعظم چئي چڪو آهي ته نواز شريف جو پاسپورٽ رِي نيو ناهي ڪرڻو، پيپلز پارٽي ٽيسٽ مئچ کيڏي رهي آهي، مولانا فضل الرحمان آخري 5 اوورن جي مئچ کيڏڻ گهري ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو