178

پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا واهپيدارن جي خدشن تي ”پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل“ تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا واهپيدارن جي خدشن تي ”پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل“ تيار ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق واهپيدارن جي خدشن تي پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي قانوني شڪل ڏئي ڪابينا کي ترت اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن بل ۾ سمورن عالمي قانونن ۽ سوشل ميڊيا ڪمپنين جي پاليسين کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ قانون واري وزارت ڏانهن اماڻي رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته بل ۾ پرائيويسي ۽ معاشي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ نقطا شامل ڪري رهيا آهيون، بل جو واحد مقصد پاڪستاني واهپيدارن جو تحفظ ۽ معاشي سرگرمين کي وڌائڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو