اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ميڪسيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو، حڪومت سمورن ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڪسيڪو ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر امان رشيد سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدرعارف علوي چيو ته نامزد سفير ميڪسيڪو سان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت، سياحت ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري، پاڪستان ميڪسيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو، هن چيو ته حڪومت سمورن ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ميڪسيڪو سان گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورا شروع ڪرڻ سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي. هن چيو ته نامزد سفير ملڪ جي مثبت تشخص کي اڀارڻ ۽ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊاڪٽر امان رشيد کي ميڪسيڪو ۾ پاڪستان جو سفير نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
