173

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 14 ڄڻا فوت ۽ 1443 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 14 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته فوتين جو انگ 3769 ٿي ويو آهي ۽ 13340 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1443 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ فوتين جو انگ وڌندي 3769 تائين پهچي ويو آهي جيڪا فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 13340 نمونن جي ٽيسٽ ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 1443 ڪيسن ظاهر ٿيا جيڪي تشخيصي شرح  جو 10.8 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2552182 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 233396 ڪيس پڌرا ٿي چڪا آهن جن مان 91 سيڪڙو يعني 212266 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 1492 مريض پڻ شامل آهن. مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 17361 مريضن جو علاج جاري آهي جن مان 16402 گهرن ۾، 13 آئسوليشن مرڪزن ۽ 946 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 864 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ 102 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب 1443 نون ڪيسن مان 1140 مريضن جو تعلق ڪراچي سان آهي جن ۾ ضلع ڏکڻ 483، ضلع اوڀر 262، ضلع ڪورنگي 124، ضلع سينٽرل 111، ضلع ملير 89 ۽ ضلع اولهه 71 شامل آهن. حيدرآباد 74 بدين 28، ميرپورخاص 25، شهيد بينظير آباد 24، ٺٽو 18، مٽياري 16، دادو 13، ڄامشورو 11، نوشهرو فيروز 10، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻو 8-8، گهوٽڪي 6، قمبر ۽ خيرپور 4-4، سکر ۽ عمرڪوٽ 3-3، ڪشمور 2 ۽ سانگهڙ 1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏنو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو