واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن اقتدار جي منتقلي کان پهرين ڪورونا متاثر معيشيت جي بحالي ۽ وائرس تي ضابطي لاءِ 19 کرب ڊالرن جو امدادي پيڪيج پيش ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق ان پيڪيج ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ 415 ارب ڊالر ۽ ننڍن ڪاروبارن جي لاءِ 440 ارب ڊالر رکيا ويا آهن. اهو امدادي پيڪيج منظوري لاءِ ڪانگريس ڏانهن اماڻيو ويندو، جيڪو منظور ٿيڻ جي صورت ۾ پيڪيج تحت ڏهه کرب ڊالر آمريڪي خاندانن جي لاءِ پڻ رکيا ويندا. جنهن ۾ آمريڪي شهرين کي 14 سئو ڊالر پڻ فراهم ڪيا ويندا، جيڪي تازو ئي منظور ٿيل ڪووڊ- 19 بل کان علاوه آهي. جوبائيڊن امدادي پيڪيج پيش ڪندي ڊيلاوير رياست جي شهر ولمنگٽن مان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري انساني صورتحال شديد بحران جو شڪار آهي، آمريڪين جي صحت کي سخت خطرا درپيش آهن ۽ ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هاڻي کان ئي قدم کڻڻا پوندا ڇو ته اسان وٽ ضايع ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت نه آهي.
169