166

ڀارت ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي يورپ ۾ آواز اٿڻ شروع، پارليامينٽ ميمبرن پاران ڳڻتي جو اظهار

برسلز(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي يورپ ۾ آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهن. يورپي يونين جي پارليامينٽ ميمبرن جو چوڻ آهي ته مودي سرڪار ڀارتي اقليتن طرفان ٿيندڙ مظاهرن جو آواز دٻائڻ لاءِ غير مناسب طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي، غير ملڪي خابروا داري موجب والاريل ڪشمير ۽ ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي يورپي ايوانن مان به آواز اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪشمير جي صورتحال تي انساني حقن جي تنظيمن ۽ پارليامينٽ ميمبرن ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. انساني حقن جي تنظيمن موجب والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال بگڙجندي پئي وڃي، مودي سرڪار پرامن مظاهرن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سندن آواز دٻائڻ لاءِ غير مناسب طاقت جو استعمال ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو