170

رائيونڊ ۾ 13 ورهين جو نينگر زيادتيءَ کانپوءِ قتل

لاهور (ويب ڊيسڪ) رائيونڊ ۾ 13 ورهين جو نينگر زيادتيءَ کانپوءِ قتل ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق 13 ورهين جو حسن عباس 2 ڏينهن اڳ ارائيان پنڊ واري علائقي مان اغوا ٿيو هو، جنهن جو لاش ننڪاڻه صاحب ڀرسان هٿ آيو آهي. پوليس مطابق حسن عباس کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو آهي، جوابدار جي ڳولا جاري آهي. ٻئي پاسي مقتول نينگر جي وارثن پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته رائيونڊ پوليس نينگر جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو پر نينگر جي ڳولا لاءِ ڪي به قدم نه کنيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو