ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ۾ سيوا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ ٻارهين ڏينهن به اي سي ٽو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن امداد علي کوسو، سهراب برفت، شمعون مسيح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اي سي ٽو بلڊنگ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته انتظاميا ملازمن جو ڪوبه مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڪيترن ئي ڏينهن کان پنهنجي آفيس ۾ ناهي آيو ۽ گهر ويهي 16 گريڊن جا پڪا آرڊر ڪڍي پيو ۽ هن غيرقانوني طور ڪوارٽر الاٽ ڪيا آهن ۽ سينيئر ملازمن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. اڳواڻن چيو ته هن وقت موجوده صورتحال ۾ ملازمن جي مسئلن سميت سنڌ يونيورسٽي جو سڄو ڪم ڪار رولڙي جو شڪار آهي، ملازمن جي سالياني انڪريمينٽ سميت گورنمينٽ طرفان %10 وڌايل پگهار به گذريل ڇهن مهينن کان نه ملي آهي، ملازمن کي وردي جا پئسا به ناهن ڏنا ويا. سيوا اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سينڊيڪيٽ ۾ به رکيل اسان جا مسئلا حل ناهن ڪيا ويا ۽ جيستائين ملازمن جا جائز مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رهندو.
