لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ۾ عدالت ۾ ملاقات ڪئي آهي ۽ پي ڊي ايم بابت صلاح مشورا ڪيا آهن. احتساب عدالت لاهور ۾ شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ سندس گهرڀاتين خلاف مني لانڊرنگ، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ رمضان شگرملز ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، ايف بي آر شهباز شريف جو ٽيڪس رڪارڊ عدالت ۾ جمع ڪرايو. ان موقعي تي مريم نواز شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سان عدالتي ڪمري ۾ملاقات ڪئي. مريم نواز ن ليگي اڳواڻن سان پي ڊي ايم بابت صلاح مشورا به ڪيا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته هي احتساب نه انتقام آهي، هڪ ڏينهن هي سمورا ڪيس ختم ٿي ويندا ۽ سرخرو ٿينداسين.
