ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) مونيڪا لاڙڪ ڪيس ۾ وڌيڪ 47 شڪي ماڻهن جا ڊي اين اي سيمپل ڄامشورو ليبارٽري پهچايا ويا آهن. پوليس جي سخت پهري هيٺ ڊي اي اي ٽيسٽ لاءِ 47 ماڻهن جا سيمپل ڄامشوري جي فارن سڪ ليبارٽري پهچايا ويا آهن. فارن سڪ ليب جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اڪبر قاضي مطابق وڌيڪ 47 شڪي ماڻهن جا سيمپل لمس ڄامشورو پهچايا ويا آهن، هن وقت تائين مونيڪا لاڙڪ ڪيس ۾ 86 ماڻهن جا سيمپل ليب پهچايا ويا آهن، جن جي ڊي اين اي رپورٽ هڪ هفتي اندر پڌري ڪئي ويندي.
196