لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته هي احتساب نه پر انتقام آهي، هڪ ڏينهن سمورا ڪيس ختم ٿي ويندا ۽ اسان سرخرو ٿينداسين، ضمني چونڊون کٽينداسين، 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن سامهون ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته لاهور کي ڪچري جو ڍير بڻايو ويو آهي، براڊ شيٽ معاملي تي حڪومتي بدنيتي سامهون آئي آهي، مخالف نواز شريف کي ڦاسائڻ چاهين پيا پر براڊ شيٽ سندن ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، هي ايترا ڪرپٽ ۽ چور آهن جو براڊ شيٽ کان به پئسا گهريا، هاڻي هي پاڻ ڦاسي پيا آهن، هنن قومي خزاني به برباد ڪيو پر کين ڪجهه نه مليو. مريم نواز چيو ته عمران خان جي ڪجهه ساٿين جون استعيفائون آيو آهن، هن سال انشاءَ الله عمران خان اڪيلو ٿي ويندو، هو بيوقوف رانديگر آهي، سندس صلاحڪارن کي هاڻي اها ڳالهه سمجهه ۾اچي وئي آهي. هن چيو ته براڊ شيٽ ڪيس حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي، سندن ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي، حڪومت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو، پر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ن ليگ کي نه ڇڏيو، عمران خان کي شهباز شريف مان خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته هو کيس پنهنجو متبادل سمجهي ٿو، هن کي جنهن مان خطرو هوندو آهي تنهن کي جيل اماڻيندو آهي.
173