201

حڪومت نعيم بخاري کي پي ٽي وي بورڊ جي چيئرمين واري عهدي تان هٽائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي نعيم بخاري کي پي ٽي وي بورڊ جي چيئرمين واري عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق خميس ڏهاڙي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي چيئرمين نعيم بخاري کي ڪم کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي سندس برطرفي وارو معاملو وفاقي ڪابينا کي اماڻيو هو. اڄ ڪابينا ان معاملي کي بحث هيٺ آڻيندي نعيم بخاري کي پي ٽي وي بورڊ جي چيئرمين واري عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا سرڪوليشن سمري ذريعي نعيم بخاري کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏني آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو