لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي دڪاندار کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق واقعو شاهدره جي علائقي اسلام نگر ۾ پيش آيو، جتي هٿ ڪيل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڦورو دڪاندار کان ڦر ڪري موٽرسائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته دڪاندار هڪ ڦورو کي ڀاڪر ۾ ڀري سوگهو ڪيو، جنهن تي ڦورو جي ٻين ساٿين مٿس فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ هن دم ڏنو ۽ ڦورو فرار ٿي ويا.
