ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ طرفان تعلقي پاپوليشن ويلفيئر آفيسرن ۽ ميل موبلائيزرن جي بهتر تربيت ۽ خانداني منصوبابندي ۽ غذا بابت اضافي ڄاڻ لاءِ ايڪسيلريٽڊ ايڪشن پلان، يورپي يونين ۽ سنڌ ۾ غذائي کوٽ پوري ڪرڻ واري هلندڙ پروگرام پنز جي سهڪار سان هڪ ڏينهن واري تربيت ڪرائي وئي، ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ماسٽر ٽرينر طور ڪرايل تربيتي پروگرام ۾ پوري سنڌ جي سمورن ضلعن مان هڪ – هڪ تعلقي آفيسر ۽ سنڌ صوبي جي غذا بابت هلندڙ پروگرام وارن ضلعن شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، سجاول ۽ ٺٽو ضلعي مان هڪ هڪ ميل موبلائيرز سان گڏ ڪراچي مان پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ٻن ڏينهن تائين هلندڙ تربيتي پروگرام ۾ پهرئين ڏينهن تي 19 ضلعن جي آفيسرن، تعلقي آفيسرن ۽ ٻئي ڏينهن تي 10 ضلعن جي تعلقي آفيسرن ۽ ميل موبلائيزرن ۽ ڪراچي جي ايف ٽي اوز شرڪت ڪئي. تربيت ڏيندڙن کي پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر ايڊمن شاهه فيصل مهر پروگرام جي خاص مهمان طور ڳالھائيندي چيو ته پاپوليشن ويلفيئر کاتو جيڪو اڳ ۾ خانداني ڀلائي ۽ گهٽ ڪٽنب پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو هو پر هاڻي سنڌ حڪومت جي غذائي پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ لائيو اسٽاڪ، لوڪل گورنمينٽ، صحت، فشريز ۽ ٻين کاتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، اڳ ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ طرفان پوري سنڌ ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ فيملي ميلا منعقد ڪيا ويا هئا جيڪڏهن ان وقت اسان جي ٽي پي او، آفيسرن، ميل موبلائيزرن ۽ ٻين ملازمن کي بهتر ڄاڻ هجي ها ته غذائي کوٽ ۽ ان جي نقصانن بابت ڄاڻ ڏئي بهتري آڻڻ جو سٺو موقعو هو پر پوءِ اسان جي کاتي جي آفيسر ڊاڪٽر ظهره جي تجويز کي مان ڏيندي پنهنجي اسٽاف کي غذا بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هي تربيت جو مرحليوار پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اسان گهڻي ڀاڱي ڪامياب ويا آهيون، وڌيڪ اوهان ماسٽر ٽرينر تي آهي ته اوهان پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ ٻئي اسٽاف کي تربيت ڏئي پنهنجي ڪم ۽ سماج لاءِ ڪيترو ڪارائتو بڻايو ٿا، تربيت دوران پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪلنڪ ڊاڪٽر مهوش مبارڪ، ڊاڪٽر عائشا ۽ ٻين هٿان سرٽيفڪيٽ ڏياريا ويا. تربيت جي ٻنهي ڏينهن دوران پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر ايڊمن شاهه فيصل مهر، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪلنڪ ڊاڪٽر مهوش مبارڪ، ڊاڪٽر عائشا، اُميما، زارا، ساره لڌيانوي، مس انم ٻين ٽريننگ ڏيندڙن پنهنجي الڳ الڳ موضوعن، تيزي سان وڌندڙ آبادي، ان جي نقصانن، غذائي کوٽ، ان جي پوراءُ ڪرڻ وارين ڪوششن، غذا جي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن، انهن جي حل، ذميوارين ۽ ڪميونٽي ۾ ڪم جي طريقيڪار بابت چارٽن ۽ عملي سرگرمن ذريعي تربيت ڏني وئي. تربيت دوران ٻڌايو ويو ته آبادي گهٽجڻ بجاءِ تيزي سان وڌندڙ سبب دنيا ۾ وڌي آبادي وارن ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان هيٺ ٿيڻ بجاءِ مٿي وڃي رهيو آهي جيڪا هڪ ڏکوئيندڙ ۽ فڪر واري ڳالهه آهي، هن وقت اٽڪل 22 ڪروڙن تائين آبادي وڌڻ سان خوراڪ، رهائش، روزگار، خوراڪ، صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ، ماحولياتي گدلاڻ سوڌو انيڪ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، ملڪ جي آبادي 52 سيڪڙو عورتون ۽ 48 سيڪڙو مردن تي مشتمل آهي، ملڪ جي ٽوٽل آبادي مان 48 سيڪڙو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، 54 سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي نه پيو ملي، روزگار نه ملڻ ڪري آمدني واري شرح گهٽجي رهي آهي، آبادي جو 71 سيڪڙو هڪ ڪمري واري گهر ۾ رهي ٿو، 82 سيڪڙو آبادي کي صاف سٿرو ماحول نه پيو ملي، مناسب صحت، تعليم، کاڌ خوراڪ، روزگار ۽ رهائش نه ملڻ ڪري بيماريون وڌي رهيون آهن، آبادي جو تعداد وڌڻ سان زندگي جو معيار گهٽجي رهيو آهي، مالي ۽ معاشي مسئلا پيدا ۽ ڏوهه وڌي رهيا آهن. تربيت دوران ٻڌايو ويو ته صحيح ۽ مناسب خوراڪ نه ملڻ ڪري پيدا ٿيندڙ ٻار جسماني ۽ ذهني معذوري جو شڪار ٿين ٿا ۽ اهي ٻار نه رڳو پنهنجي خاندان پر سماج ۽ ملڪ لاءِ پريشاني جو سبب بڻجن ٿا، ان ڪري اوهان کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ وڃي ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪري کين ٻڌايو ته آبادي تي اضافي بجاءِ ٻارن جي ڄم ۾ وقفي واري وقت تي اضافو ڪيو وڃي. جنهن لاءِ اوهان ۽ اسان کي ٻين ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. تربيت دوران ٻڌايو ويو ته ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ ننڍي عمر جي شادين ۽ وقفي نه ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٻارڙن ۽ مائرن جي صحت ۽ زندگيون خطري ۾ پئجي رهيون آهن، جنهن ۾ ويم ڪندڙ هڪ لک عورتن مان 178 عورتون موت جي مُنهن ۾ هليون وڃن ٿيون، نون پيدا ٿيندڙ هڪ هزار ٻارڙن مان 5 ورهين جي عمر کان پهرين 67 ٻار فوت ٿي وڃن ٿا جن مان 55 ٻار اهڙا هجن ٿا جيڪي هڪ سال به زندهه نه ٿا رهن، ان خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ جو واحد حل تيزي سان وڌندڙ آبادي تي فوري طور تي ضابطو آڻڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت ٽوٽل فرٽيلائيز شرح 3.9 آهي جڏهن ته پيدائشي شرح 2.41 کان گهٽ هجڻ گهرجي ۽ ڪنٽراسيپٽو جي استعمال جي شرع 30.9 آهي جنهن کي 41 کان مٿي تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڪوششن باوجود 21 سيڪڙو آبادي جيڪا خانداني منصوبابندي جي خواهش رکي ٿي ان تائين پهچ مشڪل بڻيل آهي، انهن سمورن مسئلن ۽ پريشانين جو حل تيزي سان وڌندڙ آبادي تي ضابطي ۾ آهي. تربيت دوران پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي آفيسرن، تربيت ڏيندڙن ۽ تربيت حاصل ڪندڙن وچ ۾ سوالن جواب جي نشست پڻ ٿي. آخر ۾ تربيت حاصل ڪندڙن کي ٻين کي تربيت ۽ ڄاڻ ڏيڻ وارو مواد پڻ ڏنو ويو.
199