208

منهنجو محسن، منهنجو بابا..

ليکڪ: سڪندر بوزدار

هر انسان پنهنجي جوهر ۾ ڪيتريون ئي وصفون سمائي ويٺل آهي، ڪن ماڻهن جو ڪردار خوشبودار هوندو آهي ته ڪي رڳو ڏسڻ ۾ سهڻا هوندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو اندران توڙي ٻاهران يعني ڪردار ۽ صورت ٻنهي ۾ سهڻا هوندا آهن ۽ اهي پنهنجي عملن ذريعي پنهنجي ڪردار جي خوشبو ٻين تائين پکيڙيندا آهن، ڪجهه ماڻهو پنهنجي ذات ۾  ڪنهن کي به نقصان نٿا پهچائين ۽ ڪي وري اهڙا آهن، جنهن مان ڪنهن به ساهه واري کي سک نٿو پهچي، انسان سڀني مخلوقاتن مان مهان آهي، پر سندس مهانتا تڏهن ظهور پذير ٿئي ٿي، جڏهن ان جي اندر ۾ احساس ۽ ٻين جو در دکي ٿو، سماجن جون ڪهاڻيون ته تمام وڏيون آهن پر اڄ آئون جنهن شخصيت تي لکان ٿو اهو منهنجو والد آهي، علائقي واسي کيس سچو، کرو ۽ هر رک رکا کان آجو سڏيندا آهن ۽ کيس وڏيري علي حسن بوزدار جي نالي سان سڃاڻن ٿا، بنيادي طور تي جڏهن به اهان پنهنجي ڪنهن محبوب ڪردار يا شخصيت تي لکندا آهيو ته لفظ اوهان جو ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ مون سان به بلڪل ائين آهي ته بابا سائين تي لکڻ مهل لفظن جي چونڊ ڪرڻ ڏکي ٿي پئي آهي، بابا اسان جو سج ۽ اسين سندس سورج مُکي آهيون، هن جي زندگي اسان لاءِ مشعل راهه آهي، هو هڪ ڪامياب انسان ۽ پيءُ آهي، جنهن پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي هڪ جيترو پيار ڏنو، هو سچو ۽ کرو دوست به آهي ۽ پاڻ سان محبت ڪندڙن جو چڱو مڙس به آهي، اعليٰ تعليم يافتا آهي، تعليم سان محبت ڪندڙ صوفي منش انسان آهي، بابا سائين جواني جي شروعات جا ڪجهه سال پيغمبري پيشي يعني استاد جي حيثيت ۾ تعليم ڏني، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميرپورماٿيلي ۾ پاڪ-سعودي ۽ هاڻوڪي ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي منظوري ڏني ته ان ۾ به والد صاحب خدمتون سرانجام ڏنيون، مشرف جي دور يعني 2007ع ۾ نوڪري تان رٽائرڊ ٿيا، پنهنجي سڄي سروس دوران هو هڪ ڏينهن به ڊيوٽي تي ليٽ نه پهتو، سردي توڙي گرميءَ ۾ وقت سر نوڪري ڏنائين، سروس دوران جنهن به عهدي تي رهيو درجنين ٺيڪيدار سندس در تي لکين رپيا کنيو بيٺا هوندا هئا پر هن ڪڏهن به ڪنهن کان ڪنهن سرڪاري بل پاس ڪرڻ جو هڪ ٽڪو به نه ورتو، پنهنجي اصولن آڌر نوڪري ۽ زندگي گذاريائين ۽ پنهنجي ٻچن کي ڪڏهن به حرام جو ٽڪو نه کارايو. اڄ به ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهو سائين علي حسن خان بوزدار جي ديانت ۽ اصول پرستي جو مثال ڏين ٿا، نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ به هن آرام ڪرڻ بدران پاڻ کي علائقي جي ماڻهن لاءِ وقف ڪيو، هميشه سچ جو ساٿ ڏنو، سچو ۽ کرو ايترو جو برادري جي چيف سردار کي به حق جي ڳالهه منهن تي چئي ڇڏيندو آهي، علائقي جا ڪيترائي مڙس مٿير سردارن آڏو ڳالهه ڪرڻ کان لنوائين ٿا پر بابا سائين بنا رک رکاءَ جي ڳالهه چئي ڇڏيندو آهي. جيڪو به ماڻهو ڪنهن ڪم سانگي هن وٽ آيو ته هو ان سان گڏجي پوندو آهي، سندس فيصلا به انصاف ڀريا ۽  علائقي ۾ مشهور آهن، ڪيترين ئي برادرين جا ڍنگ سردار به فيصلا ڪرڻ لاءِ هن وٽ ماڻهو موڪلين ٿا، انصاف پسند هجڻ سبب والد صاحب کي ماڻهو فيصلن ۾ امين طور وٺي وڃن ٿا، هن ڪيترين ئي برادرين جي رٺل ماڻهن جا انصاف تي ٻڌل فيصلا ڪري کين وڙهڻ کان بچايو آهي، بابا سائين سخي به اهڙو جو ڪو به سوالي اچي ته خالي نه موٽي، هن وس آهر سڀني جي مدد ڪئي آهي، هو پنهنجي سادگي ۽ وڏي دل ۽ طبيعت جو بادشاهه هئڻ ڪري سدائين اڻ سهو ماڻهن جي ٽارگيٽ تي رهيو آهي ۽ پنهنجن ۽ پراون جي حسد ساڙ ڪري تڪليفون جام ڏٺيون اٿس، منافقيون سٺيون اٿس پر ڪڏهن به ڪنهن کي ڪا ميار نه ڏني اٿس ۽ نه ئي وري ڪنهن جي شڪايت ڪئي اٿس، پر وقت پوڻ جيڪڏهن اهي ماڻهو وري هلي ايندا آهن ته سندن دل سان آجيان ڪندو آهي، اسان بابا جي ان ڳالهه تي اعتراض ڪندا آهيون ته چوندو آهي الله پاڪ توهان جي عزت ڪئي آهي ۽ ان ئي حسد ۽ ساڙ رکڻ وارن کي جهڪائي توهان وٽ موڪليو آهي، ان سان ڪهڙو منهن خراب ڪيون، ان کي سزا الله پاڪ پاڻ ڏئي پيو،  هن سدائين پنهنجي اولاد کي سٺن لڇڻن ۽ سٺي ڪردار جي تلقين ڪئي آهي، دعا آهي ته سدائين اسان جي مٿان سندس سايو برقرار ۽ قائم ۽ دائم رهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو