150

کلندڙ تعليمي ادارا ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي ضرورت…!!

ليکڪ: زين سولنگي

ڪورونا وبا جي ڪري گذريل 27 فيبروري 2020 کان 14 سيپٽمبر 2020ع تائين سمورا تعليمي ادارا مڪمل طور بند رهيا، بعد گورنمينٽ 15 سيپٽمبر 2020ع تي سخت ايس او پيز سان مرحليوار تعليمي ادارا کوليا، ٻه اڍائي مهينا کن مس تعليمي ادارا هليا، تدريسي سرگرميون تيز ٿيڻ لڳيون ته ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ڪر کنيو، نتيجن ڪورونا جي مريضن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، نيٺ ان ڏکي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سرڪار 26 نومبر 2020ع کان 10 جنوري 2021ع تائين تعليمي ادارا بند ڪيا، ان ڪورونا وبا جي ڪري لڳ ڀڳ اڳ ڇهه مهينا کن تعليمي ادارا بند هجڻ ڪري شاگردن جو وڏو نقصان ٿيو هو، ان بعد جڏهن تعليمي ادارا کليا ته ٻه اڍائي مهينا هليا مس ته وري ڪورونا مريضن ۾ اضافو ٿيڻ شرط سرڪار تعليمي ادارا بند ڪيا، مان سمجهان ٿو ته سرڪار اهو فيصلو وڏي غور ويچار ڪري شاگردن جي صحت جو خاص خيال رکندي ڪيو، يقينن تعليم ته متاثر ٿي پر پهريان صحت بعد ٻيو سڀ ڪجهه، صحت ۽ حياتي هوندي ته ماڻهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. تعليمي ادارا جيڪي 11 جنوري 2021ع تي کلڻا هئا، پر انهن کي وڌيڪ هڪ هفتو بند رکيو ويو، ڇو ته ڪورونا جي ٻي لهر هلي رهي  آهي، روز مريض جي شمارياتي انگ اکر اخبارن ۾ پڙهون پيا، وفاقي وزير شفقت محمود جي نگرانيءَ ۾ تعليم جي صوبائي وزيرن جي گڏجاڻيءَ ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته 18 جنوري 2021ع تي تعليمي ادارن کي مرحليوار کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 18 جنوري 2021ع کان نائين کان انٽر تائين تدريسي عمل شروع ٿيندو، 25 جنوري 2021ع کان پرائمري ۽ مڊل جي ڪلاسن ۾ تدريسي عمل جي شروعات ٿيندي، باقي پهرين فيبروري 2021ع کان سموريون يونيورسٽيون کوليون وينديون. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جي شدت ۾ ڪيتري گهٽتائي آئي آهي، ان جي مريضن جي تعداد ۾ ڪيتري گهٽتائي آئي آهي، اخبارن، ٽي وي چئلنز تي روز ڪورونا وائرس جي مريضن جو تعداد پڙهي ۽ ٻڌي دل ڌڙڪي ٿي وڃي، خير اسان کي ان ماحول سان گڏ ئي هلڻو آهي ۽ پاڻ کي صحتمند به ڏسڻو آهي ته پوءِ ان ڪورونا وائرس جي بچاءَ جي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ حڪومت طرفان ٻڌايل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، جنهن سان پنهنجي به صحت محفوظ رهندي ۽ ٻين جي صحت پڻ محفوظ رهندي. تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل کي جاري ۽ ساري رکڻ لاءِ حڪومت طرفان ٻڌايل ڪورونا کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي عمل لازمي ڪرڻ گهرجي. ان معاملي ۾ تعليمي ادارن کي ايس او پيز تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ لاءِ شاگردن ۾ جاڳرتا پڻ ڦھلائي وڃي، والدين کي پڻ پنهنجن ٻارن کي ڪورونا کان محفوظ بڻائڻ ۾ تعليمي ادارن، تعليم کاتي سان سهڪار ڪرڻ گهرجي، صوبائي ۽ ضلعي مانيٽرنگ ٽيمون ايس او پيز تي عمل کي يقيني بڻائي، بيماري جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سماجي وٿي تي عمل ڪيو وڃي، شاگردن،  استادن، ٻئي عملي لاءِ ماسڪ پائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. والدين کي هدايت ڪئي وڃي ته ٻارن ۾ کنگهه يا بيماري جون نشانيون ظاهر ٿين ته انهن کي اسڪول نه موڪلين.طبيعت وڌيڪ خراب  هجي ته ٽيسٽ ڪرائي وڃي. ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ تي فوري طور تي اسڪول انتظاميه کي آگاهي ڏني وڃي. ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان تعليمي ادارن جو تدريسي عمل جاري ۽ ساري رهي سگهي ٿو، تعليم کاتي ۽ صحت کاتي کي گهرجي ته تعليمي ادارن ۾ پي پي ايز، فيس ماسڪ، سينيٽائزر، صابڻ ۽ اسپري وغيره جو سامان پڻ مهيا ڪن ته جيئن تعليمي ادارن کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ڏکيائي پيش نه اچي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو